فيفا ورلڊ ڪپ جو پهريون سيمي فائنل فرانس ۽ اسپين جي ٽيمن وچ ۾ 14 جولاءِ تي کيڏيو ويندو

نيويارڪ-13 جولاءِ(اي پي پي) فٽ بال جي عالمي تنظيم فيفا جي اهتمام هيٺ جاري 23هين ورلڊ ڪپ فٽبال ٽورنامينٽ 2026 ع جو سيمي فائنل لائن اپ مڪمل ٿي چڪو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪوارٽر فائنل رائونڊ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ دفاعي چيمپئين ارجنٽائن، انگلينڊ، اسپين ۽ فرانس جون ٽيمون سيمي فائنل رائونڊ ۾ داخل ٿي چڪيون آهن. 23هون ورلڊ ڪپ فٽ بال ٽورنامينٽ پنهنجي آخري مرحلي طرف گامزن آهي. فٽ بال …

نيويارڪ-13 جولاءِ(اي پي پي) فٽ بال جي عالمي تنظيم فيفا جي اهتمام هيٺ جاري 23هين ورلڊ ڪپ فٽبال ٽورنامينٽ 2026 ع جو سيمي فائنل لائن اپ مڪمل ٿي چڪو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪوارٽر فائنل رائونڊ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ دفاعي چيمپئين ارجنٽائن، انگلينڊ، اسپين ۽ فرانس جون ٽيمون سيمي فائنل رائونڊ ۾ داخل ٿي چڪيون آهن. 23هون ورلڊ ڪپ فٽ بال ٽورنامينٽ پنهنجي آخري مرحلي طرف گامزن آهي. فٽ بال ورلڊ ڪپ جي آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو ۾ سجيل عالمي ميلي ۾ فٽ بال جي مداحن  کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ميگا ايونٽ جو سيمي فائنل رائونڊ 14 جولاءِ کان شروع ٿيندو. ان سلسلي ۾ پهرين سيمي فائنل ميچ فرانس ۽ اسپين جي ٽيمن وچ ۾ 14 جولاءِ تي اي ٽي اينڊ ٽي اسٽيڊيم آرلنگٽن، آمريڪا ۾ کيڏي ويندي. ٻي سيمي فائنل ميچ 15 جولاءِ تي دفاعي چيمپئين ارجنٽائن ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي. اها ميچ مرسڊيز بينز اسٽيڊيم، ايٽلانٽا، آمريڪا ۾ کيڏي ويندي.واضح رهي ته ميگا ايونٽ ۾ ٽئين پوزيشن لاءِ ميچ 18 جولاءِ جڏهن ته فائينل ميچ 19 جولاءِ تي ميٽ لائيف اسٽيڊيم، ايسٽ رڌر فورڊ، آمريڪا ۾ کيڏي ويندي.