لاهور - 13 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي پڌرائي موجب پاڪستان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز جي دوري لاءِ اسلام آباد انٽر نيشنل ايئرپورٽ تان روانو ٿي وئي آهي. قومي ٽيم اسلام آباد کان دوحه ۽ لنڊن کان ٿيندي ويسٽ انڊيز پهچندي، جتي هوءَ آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي سلسلي ۾ ميزبان ٽيم خلاف 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. روانگي کان اڳ قومي …
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز جي دوري لاءِ رواني ٿي وئي: پي سي بي
لاهور – 13 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي پڌرائي موجب پاڪستان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز جي دوري لاءِ اسلام آباد انٽر نيشنل ايئرپورٽ تان روانو ٿي وئي آهي. قومي ٽيم اسلام آباد کان دوحه ۽ لنڊن کان ٿيندي ويسٽ انڊيز پهچندي، جتي هوءَ آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي سلسلي ۾ ميزبان ٽيم خلاف 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. روانگي کان اڳ قومي ٽيسٽ اسڪواڊ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ 3 ڏينهن تربيتي ڪيمپ ۾ ڀرپور حصو ورتو، جنهن دوران رانديگرن بيٽنگ، بالنگ، فيلڊنگ ۽ فٽنيس تي خاص ڌيان ڏنو هو. تيارين جي آخري مرحلي ۾ ٽيم 2 ڏينهن سيناريو بيسڊ ميچ به کيڏي، جنهن جو مقصد مختلف ميچن جي حالتن ۾ رانديگرن جي صلاحيتن جو جائزو وٺڻ ۽ کين امڪاني چئلينجز لاءِ تيار ڪرڻ هو. پاڪستان ٽي ويسٽ انڊيز پهچڻ کان پوءِ 18 کان 21 جولاءِ تائين 4 ڏينهن پريڪٽس ميچ به کيڏندي جنهن سان رانديگرن کي مقامي ڪنڊيشنز سان هم آهنگ ٿيڻ ۽ ٽيسٽ سيريز کان اڳ پنهنجي تيارين کي حتمي صورت ڏيڻ جو موقعو ملندو. آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ تحت 2 ٽيسٽ ميچون 25 جولاءِ کان 10 آگسٽ تائين کيڏيون وينديون. سيريز جي پهرين ٽيسٽ برائن لارا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، ٽوروبا جڏهن ته ٻي تاريخي ڪوئينز پارڪ اوول، پورٽ آف اسپين ۾ کيڏي ويندي.











