لاهور - 13 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان وومينز انڊر 19 ڪرڪيت ٽيم نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ايندڙ ٽي - ٽوئنٽي سيريز جي تيارين جي سلسلي ۾ ڀرپور ٽريننگ سيشن ڪيو، پي سي بي ترجمان موجب رانديگرن ڪوچز جي نگراني ۾ بيٽنگ، بالنگ، ۽ فيلڊنگ جي مشقن ۾ حصو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ پنهنجي صلاحيتن کي نکاريو. پاڪستان وومينز انڊر 19 ۽ ڏکڻ آفريقا وومينز انڊر 19 وچ ۾ 5 …
پاڪستان وومينز انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ ٽي – ٽوئنٽي سيريز جي سلسلي ۾ ڀرپور ٽريننگ سيشن ڪيو: پي سي بي ترجمان
لاهور – 13 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان وومينز انڊر 19 ڪرڪيت ٽيم نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ايندڙ ٽي – ٽوئنٽي سيريز جي تيارين جي سلسلي ۾ ڀرپور ٽريننگ سيشن ڪيو، پي سي بي ترجمان موجب رانديگرن ڪوچز جي نگراني ۾ بيٽنگ، بالنگ، ۽ فيلڊنگ جي مشقن ۾ حصو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ پنهنجي صلاحيتن کي نکاريو. پاڪستان وومينز انڊر 19 ۽ ڏکڻ آفريقا وومينز انڊر 19 وچ ۾ 5 ميچن تي ٻڌل ٽي -ٽوئنٽي سيريز جي شروعات اڱارو 14 جولاءِ کان نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ٿيندي، سيريز جون سمويون ميچون رات جو 7 بجي شروع ٿينديون، سيريز جي شروعات کان اڳ ٻنهي ٽيمن جا ڪپتان اڄ شام پنجين بجي نيشنل بئنڪ اسٽيديم جي پريس ڪانفرنس روم ۾ ٽرافي جي مهورتي تقريب ۾ شرڪت ڪنديون. تقريب کان پوءِ ٻئي ڪپتان ميڊيا سان ڳالهائيندا جڏهن ته شام جو 5 بجي ٻئي ٽيمون ٽريننگ سيشن ۾ حصو وٺنديون.











