فرانس جي ٽيم 23هين فيفا ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي، پهرين ڪوارٽر فائنل ۾ مراڪش کي 0-2 تان شڪست

بوسٽن -10 جولاءِ (اي پي پي) فرانس جي ٽيم فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق فرانس جي ٽيم انتهائي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي فيفا ورلڊ ڪپ جي پهرين ڪوارٽر فائنل ۾ مراڪش کي 0-2 جي گولن تان شڪست ڏئي ٽاپ فور رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو  ۽ ميگا ايونٽ ۾ پهچندڙ 4 ٽيمن مان پهرين ٽيم بڻجي وئي آهي. فرانس جي …

بوسٽن -10 جولاءِ (اي پي پي) فرانس جي ٽيم فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق فرانس جي ٽيم انتهائي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي فيفا ورلڊ ڪپ جي پهرين ڪوارٽر فائنل ۾ مراڪش کي 0-2 جي گولن تان شڪست ڏئي ٽاپ فور رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو  ۽ ميگا ايونٽ ۾ پهچندڙ 4 ٽيمن مان پهرين ٽيم بڻجي وئي آهي. فرانس جي مشهور فٽ بالر ۽ ڪپتان ڪيلين ايمباپي ۽ منصورعثمان هڪ – هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو . آمريڪا جي شهر بوسٽن ۾ کيڏيل ميچ ۾ فرانس جي ٽيم شروعات کان ئي جارحاڻي راند پيش ڪئي ۽ مراڪش جي گول تي مسلسل حملا ڪيا پر پهرين هاف ۾ ٻنهي ٽيمن کي گول ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي. پهرين هاف ۾ فرانس کي ان وقت سونهري موقعو مليو جڏهن ڪيلين ايمباپي کي پينالٽي ملي پر مراڪش جي گول ڪيپر شاندار نموني سان بال کي روڪيندي سندس اها ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي ، جنهن سبب  وقفي تائين مقابلو بنا ڪنهن گول جي برابر رهيو . ٻئي هاف ۾ فرانس راند تي مڪمل پڪڙ برقرار رکي. 60 هين منٽ ۾ ڪپتان ڪيلين ايمباپي گول ڪري ٽيم کي مراڪش خلاف 0-1 جي گول جي برتري ڏياري، جڏهن ته صرف 6 منٽن بعد عثمان ڊيميلي خوبصورت گول اسڪور ڪري فرانس جي برتري 0-2 ڪري ڇڏي . مراڪش کي به واپسي جو ڪجهه موقعو مليو . 82هين منٽ ۾ فري ڪڪ تي فرانس جي گول ڪيپر شاندار نموني بچاءُ ڪيو جڏهن ته ان بعد به مراڪش جو هڪ يقيني گول ضايع ٿي ويو. ان ڪاميابي سان فرانس مسلسل ٽيون ڀيرو فيفا ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو جڏهن ته مراڪش جو شاندار سفر ڪوارٽر فائنل ۾ ختم ٿي ويو . ميچ گول ڪرڻ  بعد ڪيلين ايمباپي هڪ ٻيو تاريخي اعزاز پنهنجي نالي ڪيو. هلندڙ فيفا ورلڊ ڪپ ۾ سندس گولن جو انگ 8 ٿي ويو آهي ، جنهن سان هو فيفا ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ ٻن مختلف ايڊيشنز ۾ 8-8 گول ڪندڙ پهريون فٽ بالر بڻجي ويو آهي. ان کان اڳ هن قطر ۾ ٿيل ورلڊ ڪپ ۾ به مجموعي طورتي 8 گول اسڪور ڪيا هئا.

مزید خبریں