لنڊانوسڪووا ۽ ڪارولينا موچووا ومبلڊن اوپن ٽينس جي عورتاڻي سنگلز ۾ فائنل ۾ پهچي ويون

لنڊن-10 جولاءِ (اي پي پي)جهموريه چيڪ جي ٽينس اسٽار لنڊانوسڪووا ۽ جهموريه چيڪ جي ئي ٽينس رانديگرياڻي ڪارولينا موچووا پنهنجي ڪاميابين جو سلسلو برقرار رکندي ومبلڊن اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي عورتاڻي سنگلز مقابلن جي فائنل ۾ پهچي  ويون آهن جڏهن ته آمريڪي ٽينس اسٽار ڪوڪوگف ۽ يوڪرين جي ٽينس اسٽار مارٽا ڪوسٽيوڪ عورتن جي سنگلز مقابلن جي سيمي فائنل رائونڊ ۾ شڪست بعد ميگا ايونٽ مان ٻاهر ٿي ويون آهن. …

لنڊن-10 جولاءِ (اي پي پي)جهموريه چيڪ جي ٽينس اسٽار لنڊانوسڪووا ۽ جهموريه چيڪ جي ئي ٽينس رانديگرياڻي ڪارولينا موچووا پنهنجي ڪاميابين جو سلسلو برقرار رکندي ومبلڊن اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي عورتاڻي سنگلز مقابلن جي فائنل ۾ پهچي  ويون آهن جڏهن ته آمريڪي ٽينس اسٽار ڪوڪوگف ۽ يوڪرين جي ٽينس اسٽار مارٽا ڪوسٽيوڪ عورتن جي سنگلز مقابلن جي سيمي فائنل رائونڊ ۾ شڪست بعد ميگا ايونٽ مان ٻاهر ٿي ويون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق سال جي ٽئين گرينڊ سلام ومبلڊن اوپن ٽينس جا دلچسپ مقابلا آل انگلينڊ لان ٽينس ۽ ڪرڪٽ ڪلب جي گراس ڪورٽ ۾ جاري آهن . جنهن ۾ ٽينس جي مداحن  کي سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن . عورتن جي سنگلز مقابلن جي سيمي فائنل رائونڊ ۾ 21 سالن جي جهموريه چيڪ جي ٽينس اسٽار لنڊانوسڪووا شاندار ڪارڪردگي جو مطاهرو ڪندي مخالف يوڪرين جي 24 سالن جي ٽينس رانديگر مارٽاڪوسٽيوڪ کي شڪست ڏئي نه رڳو ميگا ايونٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو پر فائنل رائونڊ لاءِ به ڪواليفائي ڪيو آهي. هاڻي سندس مقابلو هم وطن 29 سالن جي جهموريه چيڪ جي ڪارولينا موچوا سان ٿيندو . ڪارولينا موچووا ٻي سيمي فائنل ميچ ۾ آمريڪي مشهور ٽينس اسٽار ڪوڪوگف کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو.

مزید خبریں