فرانس ۽ مراڪش وچ  ۾ فيفا ورلڊ ڪپ جو پهريون ڪوارٽر فائنل 10 جولاءِ تي کيڏيو ويندو

نيويارڪ-09 جولاءِ (اي پي پي) فٽ بال جي عالمي تنظيم فيفا جي اهتمام هيٺ ورلڊ ڪپ فٽ بال ٽورنامينٽ پنهنجي آخري مرحلي طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي، ان سلسلي ۾ فٽ بال ورلڊ ڪپ جو ڪوارٽر فائنل لائن اپ مڪمل ٿي ويو آهي جنهن جو پهريون ڪوارٽر فائينل فرانس ۽ مراڪش جي ٽيمن وچ ۾ جمعي ڏينهن آمريڪا ۾ کيڏيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب پري ڪوارٽر فائنل رائونڊ مڪمل …

نيويارڪ-09 جولاءِ (اي پي پي) فٽ بال جي عالمي تنظيم فيفا جي اهتمام هيٺ ورلڊ ڪپ فٽ بال ٽورنامينٽ پنهنجي آخري مرحلي طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي، ان سلسلي ۾ فٽ بال ورلڊ ڪپ جو ڪوارٽر فائنل لائن اپ مڪمل ٿي ويو آهي جنهن جو پهريون ڪوارٽر فائينل فرانس ۽ مراڪش جي ٽيمن وچ ۾ جمعي ڏينهن آمريڪا ۾ کيڏيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب پري ڪوارٽر فائنل رائونڊ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ دفاعي چيمپئين ارجنٽائن، سوئٽزرلينڊ، انگلينڊ، ناروي، بيلجئيم، اسپين، مراڪش ۽ فرانس جون ٽيمون ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچي چڪيون آهن. ورلڊ ڪپ فٽبال ٽورنامينٽ پنهنجي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. فٽ بال ورلڊ ڪپ آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو ۾ سجيل عالمي ميلي ۾ مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ميگا ايونٽ جو ڪوارٽر فائنل فرانس ۽ مراڪش جي ٽيمن وچ ۾ آمريڪا ۾ کيڏيو ويندو. ٻيو ڪوارٽر فائنل 10 جولاءِ تي اسپين ۽ بيلجئيم جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو. اها ميچ به آمريڪا جي گرائونڊ تي کيڏي ويندي. ٽئين ڪوارٽر فائنل جي ميچ ۾ ناروي ۽ انگلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. اها ميچ هارڊ راڪ اسٽيڊيم، ميامي گارڊنز، آمريڪا ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ميگا ايونٽ جي چوٿين ۽ آخري ڪوارٽر فائنل ميچ 11 جولاءِ تي دفاعي چيمپئين ارجنٽائن ۽ سوئيٽزرلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ايرو هيڊ اسٽيڊيم ڪينساس سٽي آمريڪا ۾ کيڏيي ويندي. واضح رهي ته ميگا ايونٽ جي پهرين سيمي فائنل ميچ 14 جولاءِ جڏهن ته ٻي سيمي فائنل جي ميچ 15 جولاءِ تي کيڏي ويندي، ٽئين پوزيشن لاءِ ميچ 18 جولاءِ تي جڏهن ته فائنل ميچ 19 جولاءِ تي ميٽ لائف اسٽيڊيم ايسٽ رڌر فورڊ، آمريڪا ۾ کيڏي ويندي.

مزید خبریں