لنڊن-09 جولاءِ (اي پي پي) جرمن اسٽار ٽينس رانديگر اليگزينڊر زويريف ۽ برطانوي ٽينس رانديگر آرٿري فيري پنهنجي اڳڀرائي جاري رکندي ومبلڊن اوپن ٽينس ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويا جڏهن ته آمريڪا جو ٽيلر فريٽز ۽ اٽلي جو فلاويو ڪوبولي جو مينز سنگلز ڪوارٽر فائنل ۾ سفر پورو ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق جرمني جو 29 سالن جو ٽينس رانديگر اليگزينڊرزويروف مردن جي سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر …
جرمن اسٽار ٽينس رانديگر اليگزينڊر زويريف پهريون ڀيروسيمي فائنل ۾ پهچي ويو

مزید خبریں
لنڊن-09 جولاءِ (اي پي پي) جرمن اسٽار ٽينس رانديگر اليگزينڊر زويريف ۽ برطانوي ٽينس رانديگر آرٿري فيري پنهنجي اڳڀرائي جاري رکندي ومبلڊن اوپن ٽينس ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويا جڏهن ته آمريڪا جو ٽيلر فريٽز ۽ اٽلي جو فلاويو ڪوبولي جو مينز سنگلز ڪوارٽر فائنل ۾ سفر پورو ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق جرمني جو 29 سالن جو ٽينس رانديگر اليگزينڊرزويروف مردن جي سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ آمريڪا جي ٽيلر فريٽز کي هارائي ٽاپ فور رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. سال جي ٽين گرينڊ سلام ومبلڊن اوپن ٽينس جا دلچسپ مقابلا انگلينڊ ۾ جاري آهن جنهن ۾ ٽينس جي مداحن کي دلچسپ ۽ شاندار مقابلا ڏسڻ جو موقعو ملي رهيو آهي.











