بوسٽن-09 جولاءِ (اي پي پي) فرانس جي فٽ بال ٽيم جي هيڊ ڪوچ انڪشاف ڪيو آهي ته فيفا ورلد ڪپ 2026ع جي ٽاپ رائوند جي ميچ ۾ پيراگوئي خلاف مائيڪل اوليس کي ڏيکاريل ييلو ڪارڊ برقرار رهندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق مائيڪل اوليس کي گذريل هفتي ميگا ايونٽ جي ٽاپ 16 رائونڊ ميچ جي آخري وقت ۾ سخت لفظن جي ڏي وٺ بعد ييلو ڪارڊ ڏيکاريو ويو هو . فرانس جي فٽ بال …
فيفا ورلد ڪپ 2026ع جي ٽاپ رائوند جي ميچ ۾ پيراگوئي خلاف مائيڪل اوليس کي ڏيکاريل ييلو ڪارڊ برقرار رهندو

مزید خبریں
بوسٽن-09 جولاءِ (اي پي پي) فرانس جي فٽ بال ٽيم جي هيڊ ڪوچ انڪشاف ڪيو آهي ته فيفا ورلد ڪپ 2026ع جي ٽاپ رائوند جي ميچ ۾ پيراگوئي خلاف مائيڪل اوليس کي ڏيکاريل ييلو ڪارڊ برقرار رهندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق مائيڪل اوليس کي گذريل هفتي ميگا ايونٽ جي ٽاپ 16 رائونڊ ميچ جي آخري وقت ۾ سخت لفظن جي ڏي وٺ بعد ييلو ڪارڊ ڏيکاريو ويو هو . فرانس جي فٽ بال فيڊريشن بعد ۾ فيفا کي ان ييلو ڪارڊ کي ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي . ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي ڊيس چيمپس چيو ته مائيڪل اوليس جو ييلو ڪارڊ جي حوالي سان ڪجهه ناهي بدليو، اسان کي فيفا جو نوٽيس مليو آهي جنهن ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته اصل فيصلو برقرار رهندو. ان جو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن فرانس ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ مراڪش کي هارائي ڇڏي ٿو ۽ مائيڪل اوليس کي هڪ ٻيو ييلو ڪارڊ ملي ٿو، ته اهو رانديگر سيمي فائنل مان ٻاهر ٿي ويندو. مائيڪل اوليس پوري ورلڊ ڪپ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي.











