اٽلانٽا- 08 جولاءِ (اي پي پي) ارجنٽائن جي هيڊ ڪوچ ليونل سڪالوني فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ آرام جي وقت سخت شيڊول تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٽورنامنٽ جي آخري مرحلي ۾ ٽيمن کي ريڪوري لاءِ وڌيڪ وقت ملڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا موجب دفاعي چيمپئين ارجنٽائن کي فائنل تائين پهچڻ لاءِ 17 ڏينهن ۾ 5 ميچ کيڏڻ جو چيلنج درپيش آهي. جنهن سان …
فٽ بال ورلڊ ڪپ 2026ع جو سخت شيڊول رانديگرن لاءِ پريشاني جو سبب، ارجنٽائني ڪوچ ليونل سڪالوني جو ڳڻتي جو اظهار ڪيو

مزید خبریں
اٽلانٽا- 08 جولاءِ (اي پي پي) ارجنٽائن جي هيڊ ڪوچ ليونل سڪالوني فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ آرام جي وقت سخت شيڊول تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٽورنامنٽ جي آخري مرحلي ۾ ٽيمن کي ريڪوري لاءِ وڌيڪ وقت ملڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا موجب دفاعي چيمپئين ارجنٽائن کي فائنل تائين پهچڻ لاءِ 17 ڏينهن ۾ 5 ميچ کيڏڻ جو چيلنج درپيش آهي. جنهن سان 39 سالن جي اسٽار رانديگر ليونل ميسي تي ڪارڪردگي برقرار رکڻ جو اضافي دٻاءُ پئجي ويو آهي. ليونل ميسي هاڻ تائين ٽورنامنٽ جي 4 ميچن ۾ 7 گول اسڪور ڪري چڪو آهي، جڏهن ته ڪيپ ورڊي خلاف رائونڊ آف 32 ميچ ۾ ارجنٽائن کي ايڪسٽرا ٽائيم تائين وڃڻو پيو هو، ميامي جي شديد گرمي ۾ 120 منٽ کيڏڻ سبب ڪيترن ئي رانديگرن کي فٽنس مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو، ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي ليونل سڪائي جو چوڻ هو ته ميامي جي گرمي ۾ کيڏڻ کان پوءِ ٻيو ميچ منجهند جي وقت کيڏڻو پئجي رهيو آهي، جيڪا رانديگرن جي صحت ۽ ڪارڪردگي جي لحاظ کان مثالي صورتحال ناهي. هن چيو ته ٽي ملڪ آمريڪا، ميڪسيڪو ۽ ڪينيڊا جي 16 شهرن ۾ پهرين ان فيفا ورلڊ ڪپ ۾ ڊگهو سفر مختلف ٽائيم زونز ۽ شديد گرمي سبب ننڍين ٽيمن کي وڏين ٽيمن خلاف سخت مقابلو ڪرڻ جو موقعو ملي رهيو آهي.











