فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ اسپين ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو، پرتگال جي ٽيم ٽاپ 16 ۾ شڪست بعد ٽورنامينٽ مان ٻاهر

ڊيلاس- 07 جولاءِ (اي پي پي) اسپين جي فٽ بال ٽيم فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پرتگال جي ٽيم کي دلچسپ مقابلي بعد 1-0 جي گول تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ميڪائيل ميرينو ميچ جي آخري لمحن ۾ فيصلائتو گول ڪري پنهنجي ٽيم اسپين جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اسپين جي ٽيم دلچسپ مقابلي کانپوءِ پرتگال کي 1-0 تان هارائي ٽورنامينٽ مان نه رڳو ٻاهرڪري ڇڏيو پر ڪوارٽر فائنل تائين رسائي کي ممڪن بڻايو. ڪرسٽيانا رونالڊو …

ڊيلاس- 07 جولاءِ (اي پي پي) اسپين جي فٽ بال ٽيم فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پرتگال جي ٽيم کي دلچسپ مقابلي بعد 1-0 جي گول تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ميڪائيل ميرينو ميچ جي آخري لمحن ۾ فيصلائتو گول ڪري پنهنجي ٽيم اسپين جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اسپين جي ٽيم دلچسپ مقابلي کانپوءِ پرتگال کي 1-0 تان هارائي ٽورنامينٽ مان نه رڳو ٻاهرڪري ڇڏيو پر ڪوارٽر فائنل تائين رسائي کي ممڪن بڻايو. ڪرسٽيانا رونالڊو جو ورلڊ ڪپ کٽڻ جو خواب پورو نه ٿي سگهيو. آمريڪا جي شهر ڊيلاس ۾ کيڏيل ميچ ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلو ڏسڻ ۾ آيو جڏهن ته مقرر ڪيل وقت جي آخري لمحن ۾ اسپين فيصلائتو گول ڪري ڪاميابي پنهنجي نالي ڪري ورتي. اسپين جي ميڪائيل ميرينو 90 هين منٽ ۾ شاندار گول اسڪور ڪيو جيڪو ميچ جو واحد ۽ فيصلاتو گول ثابت ٿيو. ان شڪست سان پرتگال جو فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ سفر پڄاڻي تي پهتو جڏهن ته اسپين ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. پرتگال جي اسٽار فٽ بالر ڪرسٽيانو رونالڊو پنهنجي آخري ورلڊ ڪپ کي يادگار نه بڻائي سگهيو. ورلڊ ڪپ ٽرافي کٽڻ جو خواب هڪ ڀيرو ٻيهر ٽٽڻ سان هو ميدان ۾ جذباتن تي ڪنٽرول نه ڪري سگهيو ۽ روئي پيو. واضح رهي ته ڪوارٽر فائنل ۾ اسپين جو مقابلو بيلجئيم ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيندڙ ميچ جي ڪامياب ٽيم سان ٿيندو.

مزید خبریں