لنڊن -06 جولاءِ(اي پي پي) اٽلي جو مشهور ٽينس اسٽار، دفاعي چيمپئين ۽ ميگا ايونٽ جو ٽاپ سيڊڊ جينڪ سنر ۽ سربيا جو مشهور ٽينس اسٽار نوواڪ جوڪووچ ومبلڊن اوپن ۾ مردن جي سنگلز مقابلي جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب 24 سالن جي اٽلي جي ٽينس اسٽار مردن جي سنگلز جي چوٿين رائونڊ ميچ ۾ جاپان جي مخالف شنٽارو موچيزوڪي کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل …
ومبلڊن 2026ع ۾ جينڪ سنر ۽ نوواڪ جوڪووچ ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويا

مزید خبریں
لنڊن -06 جولاءِ(اي پي پي) اٽلي جو مشهور ٽينس اسٽار، دفاعي چيمپئين ۽ ميگا ايونٽ جو ٽاپ سيڊڊ جينڪ سنر ۽ سربيا جو مشهور ٽينس اسٽار نوواڪ جوڪووچ ومبلڊن اوپن ۾ مردن جي سنگلز مقابلي جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب 24 سالن جي اٽلي جي ٽينس اسٽار مردن جي سنگلز جي چوٿين رائونڊ ميچ ۾ جاپان جي مخالف شنٽارو موچيزوڪي کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪيو جڏهن ته سربيا جو اسٽار نوواڪ جوڪووچ مردن جي سنگلز مقابلي جي پري ڪوارٽر فائنل رائونڊ جي ميچ ۾ روس جي مخالف رانديگر رومان صافيولين کي شڪست ڏئي ٽاپ-08 رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪيو. ومبلڊن اوپن ٽينس جا دلچسپ مقابلا انگلينڊ ۾ جاري آهن جنهن ۾ ٽينس جي مداحن کي تمام دلچسپ مقابلا ڏسڻ جو موقعو ملي رهيو آهي.سربيا جو اسٽار نوواڪ جوڪووچ مجموعي طور تي پنهنجي 25 هين گرينڊ سلام ٽائيٽل لاءِ ڪواليفائي ڪري رهيو آهي.











