ارلنگ هالينڊ جي ٻن گولن عيوض ناروي جي فٽ بال ٽيم برازيل کي ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ڪڍي ڪوارٽر فائنل ۾  جڳهه ٺاهي ورتي

نيو يارڪ- جولاءِ -  6 (اي پي پي) ناروي جي فٽ بال ٽيم جي ارلنگ هالينڊ جي آخري وقت ۾ ٻن شاندار گولن عيوض سندس ٽيم پنج ڀيرا چيمپيئن رهندڙ برازيل جي ٽيم کي 2-1 تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ جي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا  مطابق ارلنگ هالينڊ جي شاندار ڪارڪردگي سندس ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. برازيل 1990ع کان پوءِ پهريون ڀيرو ٽورنامينٽ مان …

نيو يارڪ- جولاءِ –  6 (اي پي پي) ناروي جي فٽ بال ٽيم جي ارلنگ هالينڊ جي آخري وقت ۾ ٻن شاندار گولن عيوض سندس ٽيم پنج ڀيرا چيمپيئن رهندڙ برازيل جي ٽيم کي 2-1 تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ جي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا  مطابق ارلنگ هالينڊ جي شاندار ڪارڪردگي سندس ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. برازيل 1990ع کان پوءِ پهريون ڀيرو ٽورنامينٽ مان ايترو جلدي ٻاهر ٿي ويو آهي.  ميٽ لائف اسٽيڊيم آمريڪا ۾ کيڏيل هن دلچسپ ميچ ۾، ناروي جي گول ڪيپر اورجن نائلينڊ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ ميچ جي پهرين هاف ۾ برونو گيماريس جي پينلٽي ڪِڪ کي روڪي  برازيل کي برتري حاصل ڪرڻ کان روڪيو. پوءِ ميچ جي آخري 11 منٽن ۾  ارلنگ هالينڊ  ٻه گول ڪري ميچ جو رخ موڙي ڇڏيو.  برازيل پاران ميچ جي  اضافي وقت ۾ پينلٽي مان واحد گول اسڪور ڪيو پر ٽيم کي شڪست کان نه بچائي سگهيو. هالينڊ هن ٽورنامينٽ ۾ هاڻي تائين 7 گول ڪيا آهن ۽ ليونل ميسي جي برابري تي پهچي چڪو آهي. ناروي جي ٽيم هاڻي 11 جولاءِ تي ميامي ۾ ڪوارٽر فائنل ۾ انگلينڊ يا ميڪسيڪو سان مقابلو ڪندي. برازيل جي ٽيم لاءِ هي مسلسل ڇهون ورلڊ ڪپ جو ٽورنامينٽ آهي جيڪو ڪنهن يورپي ٽيم هٿان شڪست بعد ٻاهر ٿي آهي. ميچ کان پوءِ ڳالهائيندي ارلنگ هالينڊ جو چوڻ هيو  ته هي ناروي جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ يادگار ڏينهن مان هڪ هو. شڪست کان پوءِ، برازيل جي اسٽار فٽبالر نيمار کي ميدان تي روئندي ڏٺو ويو.

مزید خبریں