واشنگٽن -06 جولاءِ (اي پي پي) فٽ بال جي عالمي تنظيم فيفا آمريڪا جي اسٽار اسٽرائيڪر فلورين بالوگن تي لڳايل هڪ ميچ جي پابندي ملتوي ڪندي ان کي بيلجئيم خلاف ورلڊ ڪپ جي پري ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ کيڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، بيلجئيم ان فيصلي کي فيفا قانون جي ڀڇڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فيفا جي صدر کي ذاتي فون ڪال …
بيلجئيم پاران آمريڪي اسٽار فلورين بالوگن تي لڳل پابندي ملتوي ڪرڻ جي فيفا جي فيصلي تي احتجاج

مزید خبریں
واشنگٽن -06 جولاءِ (اي پي پي) فٽ بال جي عالمي تنظيم فيفا آمريڪا جي اسٽار اسٽرائيڪر فلورين بالوگن تي لڳايل هڪ ميچ جي پابندي ملتوي ڪندي ان کي بيلجئيم خلاف ورلڊ ڪپ جي پري ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ کيڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، بيلجئيم ان فيصلي کي فيفا قانون جي ڀڇڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فيفا جي صدر کي ذاتي فون ڪال ڪئي جنهن کانپوءِ فٽ بال جي عالمي تنظيم آمريڪي اسٽرائيڪر فلورين بالوگن تي لاڳو ريڊ ڪارڊ جي پابندي ملتوي ڪئي جنهن کان پوءِ هو بيلجئيم خلاف ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ شرڪت جي قابل ٿي ويو آهي. فلورين بالوگن کي بوسنيا خلاف ميچ ۾ مخالف رانديگرن جي پيرن تي قدم رکڻ سبب ريڊ ڪارڊ ڏيکاريو ويو هيو جنهن تي قانون تحت ان تي هڪ ميچ جي خودڪار پابندي لاڳو ٿيڻي هئي جڏهن ته فيفا ضابطه اخلاق جي آرٽيڪل 27 جو حوالو ڏيندي ان پابندي کي هڪ سال لاءِ ملتوي ڪرڻ جو حيران ڪن فيصلو جاري ڪيو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان فيصلي تي فيفا جو شڪريو ادا ڪندي ان کي وڏي ناانصافي جو خاتمو قرار ڏنو جڏهن ته آمريڪي صدر سيڪريٽري آف اسٽيٽ مارڪو روبيو به ان ڪارڊ کي رد ڪرڻ جو عوامي سطح تي مطالبو ڪيو هيو ٻئي پاسي بيلجيم فٽبال ايسوسي ايشن ۽ هيڊ ڪوچ روڊي گارسيا ان فيصلي تي شديد حيرت ۽ ناراضگي جو اظهار ڪندي ان کي فيفا جي پنهنجي ئي قانون جي خلاف ورزي ۽ فيئر پلي جي اصولن جي ابتڙ قرار ڏنو آهي. ٽورنامينٽ ۾ هيستائين ٽي گول اسڪور ڪندڙ فلورين بالوگن جي واپسي کي آمريڪي هيڊ ڪوچ مائو ريشيو پوچيٽينو ۽ اسٽار فارورڊ ڪرسچن پلسڪ ٽيم لاءِ وڏي تقويت قرار ڏنو آهي ڇو ته آمريڪي ٽيم 2002ع کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪوارٽر فائنل ۾ پهچڻ لاءِ پر عزم آهي.











