نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ جديد ٽرومين 3 بالنگ مشين لڳائي وئي آهي: پي سي بي ترجمان

لاهور - 06 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ جديد ٽرومين 3 بالنگ مشين لڳائي ڇڏي آهي.  جنهن جو مقصد قومي ڪرڪيٽرن کي ميچ جهڙي ماحول ۾ جديد طرز جي پريڪٽس جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. پي سي بي ترجمان موجب اها جديد بالنگ مشين بيٽسمينن کي بهتر تياري جا موقعا فراهم ڪندي. مشين جي فرنٽ اسڪرين تي بالر جي هاءِ ڪنٽراسٽ ايل اي ڊي اينيميشن …

لاهور – 06 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ جديد ٽرومين 3 بالنگ مشين لڳائي ڇڏي آهي.  جنهن جو مقصد قومي ڪرڪيٽرن کي ميچ جهڙي ماحول ۾ جديد طرز جي پريڪٽس جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. پي سي بي ترجمان موجب اها جديد بالنگ مشين بيٽسمينن کي بهتر تياري جا موقعا فراهم ڪندي. مشين جي فرنٽ اسڪرين تي بالر جي هاءِ ڪنٽراسٽ ايل اي ڊي اينيميشن ڏسجي ٿي. جنهن سان بيسمين کي بالر جي ايڪشن، رليز پوائنٽ ۽ ٽائمنگ کي بهتر انداز ۾ سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي. مشين ۾ لائين، لينٿ، رفتار، سوئنگ ۽ بال جي هائيٽ کي ضرورت موجب ايڊجسٽ ڪري سگهجي ٿو. ان کان علاوه ڪوچز ۽ رانديگر انفرادي بال، مڪمل اوورن ۽ مختلف اسپيلز محفوظ ڪري سگهندا، جن کي بعد ۾ ميچ جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس عاقب جاويد ٻڌايو ته ٽرومين 3 جديد ترين ٽيڪنالاجي تي ٻڌل بالنگ مشين آهي ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ان کي استعمال ڪندڙ دنيا جو پهريون ڪرڪيٽ بورڊ بڻجي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته روائيتي بالنگ مشينن ۾ بيٽسمين لاءِ رليز پوائنٽ کي سمجهڻ ڏکيو هوندو آهي جڏهن ته ان مشين سان بالر جي ويڊيو ۽ ايڪشن سان گڏ بال اچڻ جو سبب رانديگر وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ پنهنجي تياري ڪري سگهن ٿا ۽ ميچ جهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي قابل بڻجن ٿا. قومي ٽي -ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو ته اها مشين جديد ڪرڪيٽ جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ رانديگرن جي مدد ڪندي.