فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع مان ٻاهر ٿي وڃڻ بعد برازيل جي اسٽار فٽ بالر نيمار پاران ريٽائرمينٽ وٺڻ جو اعلان

نيويارڪ _ 6 جولاءِ (اي پي پي ) برازيل جي مشهور فٽ بالر نيمار جونيئر فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ ناروي هٿان شڪست بعد انٽر نيشنل فٽبال تان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي . پرڏيهي ميڊيا  مطابق نيوجرسي آمريڪا  ۾ کيڏيل ميچ ۾ ناروي 5 ڀيرا عالمي چيمپئين رهندڙ برازيل جي ٽيم کي 2-1 تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ جي ڪوارٽر فائنل ۾ …

نيويارڪ _ 6 جولاءِ (اي پي پي ) برازيل جي مشهور فٽ بالر نيمار جونيئر فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ ناروي هٿان شڪست بعد انٽر نيشنل فٽبال تان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي . پرڏيهي ميڊيا  مطابق نيوجرسي آمريڪا  ۾ کيڏيل ميچ ۾ ناروي 5 ڀيرا عالمي چيمپئين رهندڙ برازيل جي ٽيم کي 2-1 تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ جي ڪوارٽر فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي آهي جڏهن ته برازيل جو ايونٽ ۾ سفر ختم ٿي ويو . ناروي طرفان ٻئي گول ايرلنگ هالينڊ اسڪور ڪيا . هن پهريون گول 79 هين ۽ ٻيو 90 هين منٽ ۾ ڪيو ، جڏهن ته برازيل طرفان واحد گول نيمار جونيئر ميچ جي آخري وقت ۾ پينالٽي ڪڪ تي اسڪور ڪيو . شڪست بعد ورلڊ ڪپ کٽڻ جو خواب ٽٽڻ تي نيمار جونيئر جذبات تي ضابطو نه رکي سگهيو ۽ ميدان ۾ ئي روئڻ هارڪو ٿي ويو. ان کان پوءِ هن انٽر نيشنل فٽبال تان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

مزید خبریں