ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي دوري لاءِ قومي ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان، بابر اعظم ڪپتان مقرر

لاهور - 05 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي دوري لاءِ قومي ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ منعقد پريس ڪانفرنس دوران سليڪشن ڪميٽي جي ميمبر عاقب جاويد، اسد شفيق ۽ اڳوڻي ڪپتان مصباح الحق سان گڏ اسڪواڊز جو اعلان ڪيو. بابراعظم ٻنهي ٽيسٽ سيريز لاءِ قومي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي. ويسٽ انڊيز خلاف ٻن …

لاهور – 05 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي دوري لاءِ قومي ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ منعقد پريس ڪانفرنس دوران سليڪشن ڪميٽي جي ميمبر عاقب جاويد، اسد شفيق ۽ اڳوڻي ڪپتان مصباح الحق سان گڏ اسڪواڊز جو اعلان ڪيو. بابراعظم ٻنهي ٽيسٽ سيريز لاءِ قومي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي. ويسٽ انڊيز خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ  16 رڪني جڏهن ته انگلينڊ خلاف 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ 17 رڪني اسڪواڊ جي چونڊ ڪئي وئي آهي. مڊل آرڊر بيٽسمين سعود شڪيل کي فٽنيس سان مشروط طور انگلينڊ جي دوري لاءِ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته هو ويسٽ انڊيز خلاف سيريز جو حصو نه هوندو. ويسٽ انڊيز خلاف 16 رڪني اسڪواڊ ۾ بابر اعظم (ڪيپٽن)  عامر جمال، عبدالله فضل، علي عثمان، اذان اويس، امام الحق، خرم شهزاد، محمد عباس، محمد علي، محمد رضوان (وڪيٽ ڪيپر) محمد اويس ظفر، محمد غازي غوري (وڪيٽ ڪيپر)، ساجد خان، سلمان علي  آغا، شان مسعود ۽ عبيد شاه شامل آهن. انگلينڊ خلاف 17 رڪني اسڪواڊ ۾ ويسٽ انڊيز سيريز جي سمورن راندين سان گڏ سعود شڪيل کي به فٽنيس ڪليئرنس سان مشروط طور شامل ڪيو ويو آهي. سليڪشن ڪميٽي چئن نون رانديگرن کي پهريون ڀيرو ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ موقعو ڏنو آهي جن ۾ اسپرن علي عثمان، بيٽسمين محمد اويس ظفر، فاسٽ بالر عبيد شاهه ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد غازي غوري شامل آهن.  پاڪستان ٽيم پنهنجي دوري جي شروعات ويسٽ انڊيز  سان ڪندي، جتي پهرين ٽيسٽ 25 کان 29 جولاءِ تائين برائن لارا ڪرڪيٽ اڪيڊمي، ٽرابا ۾ جڏهن ته ٻي ٽيسٽ 2 کان 6 آگسٽ تائين ڪوئنز پارڪ اوول، پورٽ آف اسپين ۾ کيڏي ويندي. ان کان پوءِ قومي ٽيم انگلينڊ جو رخ ڪندي جتي 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 19 کان 23 آگسٽ تائين ليڊز، ٻي ٽيسٽ ميچ 27 کان 31 آگسٽ تائين لارڊز ۽ ٽين ٽيسٽ ميچ 9 کان 13 سيپٽمبر تائين برمنگهم ۾ کيڏي ويندي. پريس ڪانفرنس دوران عاقب جاويد چيو ته هو ۽ اسد شفيق گذريل 18 مهينن کان سليڪشن ڪميٽي جو حصو آهن، جڏهن ته مصباح الحق ۽ سرفراز احمد کي ڪميٽي ۾ شامل ٿئي 6 مهينا ٿيا آهن. هن جو چوڻ هو ته ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽس جون گهرجون مختلف آهن، ان لاءِ هر فارميٽ ۾ رانديگرن جي ڪارڪردگي کي الگ انداز سان جاچيو ويندو آهي ۽ ان بنياد تي ٽيم جي چونڊ ڪئي ويندي آهي.

مزید خبریں