فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ بيلجيم جي سنسني خيز فتح، ورلڊ ڪپ جي پري ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو

سيئٽل-02 جولاءِ (اي پي پي) بيلجيم جي ٽيم انتهائي سخت مقابلي بعد فيفا ورلڊ ڪپ جي 32 هين ميچ ۾ سينيگال جي ٽيم کي 2-3 تان شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق بيلجيم جي هيڊڪوچ رودي گارشيا چيو ته سينيگال خلاف 2-3 جي ڊرامائي فتح سان ٽيم جو اعتماد وڌيڪ مضبوط ٿيندو ۽ اها ورلڊ ڪپ جي ايندڙ مرحلي ۾ به انهي …

سيئٽل-02 جولاءِ (اي پي پي) بيلجيم جي ٽيم انتهائي سخت مقابلي بعد فيفا ورلڊ ڪپ جي 32 هين ميچ ۾ سينيگال جي ٽيم کي 2-3 تان شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق بيلجيم جي هيڊڪوچ رودي گارشيا چيو ته سينيگال خلاف 2-3 جي ڊرامائي فتح سان ٽيم جو اعتماد وڌيڪ مضبوط ٿيندو ۽ اها ورلڊ ڪپ جي ايندڙ مرحلي ۾ به انهي جذبي سان ميدان ۾ لهندي . آمريڪا جي شهر سيئٽل ۾ کيڏيل ناڪ آئوٽ مرحلي جي ميچ ۾ سينيگال حبيب ديار ۽ سماعيله سار جي گولن عيوض 0-2 جي سرسي حاصل ڪري ورتي هئي پر بيلجيم جي ٽيم آخري 5 منٽن ۾ شاندار واپسي ڪندي روميلولوڪاڪو ۽ يوري تيليمانس جي گولن تان مقابلو 2-2 تان برابر ڪري ڇڏيو ، جنهن بعد ميچ اضافي وقت ۾ هلي وئي. اضافي وقت جي 125هين منٽ ۾ بيلجيئم جي يوري تيليمانس پينالٽي تي فيصلي جوڳو گول ڪري بيلجيم جي ٽيم کي 2-3 تان فتح ڏياري. ميچ بعد پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي رودي گارشيا چيو ته فٽ بال جذبات سان ڀرپور راند آهي ۽ 83 هين منٽ تائين واپسي آسان نظر نه اچي رهي هئي. هن رانديگرن کي چيو هو ته جيڪڏهن هڪ ٻيو گول ٿي ويو ته ميچ جو رخ بدلجي سگهي ٿو ۽ ٽيم ائين ئي ڪري ڏيکاريو . هن چيو ته 120 منٽ کيڏڻ سبب رانديگر شديد ٿڪل آهن، ان لاءِ هاڻي ٽيم جي اولين ترجيح رانديگرن جي مڪمل آرام ۽ بحالي تي آهي . سندس چوڻ هو ته هاڻي بيلجيم جو ايندڙ مقابلو آمريڪا سان هوندو ۽ ٽيم ان ڪاميابي جو جشن ملهائڻ بعد ايندڙ ميچ جي تياري شروع ڪندي.

مزید خبریں