آمريڪا جي فٽ بال ٽيم بوسنيا هرزيگووينا جي ٽيم کي 0-2 تان هارائي ورلڊ ڪپ جي آخري  مرحلي ۾ جاءِ ٺاهي ورتي

سان فرانسسڪو-02 جولاءِ (اي پي پي)آمريڪا جي ٽيم فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي ٽاپ 32 ميچ ۾ بوسنيا هرزيگووينا جي ٽيم کي 0-2 تان هارائي پري ڪوارٽر فائنل مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ان ڪاميابي سان آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو جا ميزبان ملڪ ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پهچي ويا آهن. سانتا ڪلارا ۾ کيڏيل ميگا ايونٽ جي ٽاپ 32 ميچ ۾ آمريڪي ٽيم شرعات ۾ بهترين …

سان فرانسسڪو-02 جولاءِ (اي پي پي)آمريڪا جي ٽيم فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي ٽاپ 32 ميچ ۾ بوسنيا هرزيگووينا جي ٽيم کي 0-2 تان هارائي پري ڪوارٽر فائنل مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ان ڪاميابي سان آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو جا ميزبان ملڪ ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پهچي ويا آهن. سانتا ڪلارا ۾ کيڏيل ميگا ايونٽ جي ٽاپ 32 ميچ ۾ آمريڪي ٽيم شرعات ۾ بهترين راند کيڏندي پهرين هاف ۾ مخالف ٽيم تي دٻاءُ وڌايو ۽ ميچ جي 31 هين منٽ ۾ ڪيل گول آف سائيڊ قرار ڏنو ويو جڏهن ته هو 45 منٽ  ۾ ڪيل گول آمريڪي ٽيم کي مخالف ٽيم خلاف 0-1 جي برتري ملي وئي. ٻئي هاف جي شروعات ۾ بوسنيا هرزيگووينا کي ان وقت جهٽڪو لڳو جڏهن تجربيڪار فارورڊ ايڊن زيڪو 51 هين منٽ ۾ انجري سبب ميدان ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويو. 64 منٽ ۾ وي اي آر جائزي کان پوءِ  بالوگن کي ريڊ ڪارڊ ڏيکاريو ويو جنهن سبب ميزبان آمريڪا باقي ميچ 10 رانديگرن سان کيڏي ۽ عددي گهٽتائي سبب آمريڪي ٽيم راند جاري رکي ۽ 82 منٽ ۾ سرجينو ڊيسٽ جي حاصل ڪيل فري ڪڪ تي مالڪ ٽلمين گول ڪري 0-2 جي ڪاميابي حاصل ڪئي جيڪا ميچ جي فيصلائتي ثابت ٿي.