اسلام آباد -16 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته خطي ۾ ڊگهو عدم استحڪام اقتصادي اعتماد، توانائي جي مارڪيٽن، سپلاءِ چين ۽ اڀرندڙ معيشتن جي ترقي جي امڪانن تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو، سڌارن جي ايجنڊا جو مقصد رڳو محصولن ۾ اضافو ناهي پر شفافيت کي هٿي ڏيڻ، صوابديدي مداخلت ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ شهرين، ڪاروباري ادارن ۽ رياستي ادارن وچ …
ناڻي واري وفاقي وزير سان برطانيه جي پارلياماني انڊر سيڪريٽري آف اسٽيٽ جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد -16 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته خطي ۾ ڊگهو عدم استحڪام اقتصادي اعتماد، توانائي جي مارڪيٽن، سپلاءِ چين ۽ اڀرندڙ معيشتن جي ترقي جي امڪانن تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو، سڌارن جي ايجنڊا جو مقصد رڳو محصولن ۾ اضافو ناهي پر شفافيت کي هٿي ڏيڻ، صوابديدي مداخلت ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ شهرين، ڪاروباري ادارن ۽ رياستي ادارن وچ ۾ اعتماد کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ به آهي. هن اها ڳالهه اڱاري تي هتي پاڪستان جي دوري تي آيل برطانيه جي پارلياماني انڊر سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار مڊل ايسٽ، افغانستان آيل پاڪستان هيمش فالڪز سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ کان علاوه ايلس ڊفي منسٽريل پرائيويٽ سيڪريٽري ۽ برطانوي هاءِ ڪميشن جي سيڪنڊ سيڪريٽري (معاشي معاملا) سربجيت سنگهه کان علاوه فنانس ڊويزن جون اعليٰ اختياريون به موجود هيون. ملاقات ۾ علائقائي صورتحال، پاڪستان جي معاشي منظرنامي، جاري ڍانچي جاتي سڌارن، مالياتي ترجيحن، اداره جاتي جديدڪاري، پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مضبطو بڻائڻ جي امڪان تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ناڻي واري وزير برطانوي وفد کي حڪومت جي اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا ۽ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ تعين ڪيل اهم ترجيحن کان آگاهه ڪيو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت معاشي استحڪام برقرار رکڻ، اقتصادي بحالي جي عمل کي اڳيان وڌائڻ، ڍانچي جاتي سڌارن ۾ تيزي آڻڻ، جامع ۽ پائيدار ترقي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ڳالهين دوران ناڻي واري وزير تازي علائقائي اڳڀرائي جو پڻ ذڪر ڪيو جنهن ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تازي مفاهمت کان پوءِ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي شامل آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان مسلسل ڳالهين، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي حمايت ڪندو رهيوآهي ۽ پاڪستان شروعاتي مرحلي کان ئي خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته خطي ۾ ڊگهي عدم استحڪام اقتصادي اعتماد ، توانائي جي مارڪيٽن، سپلاءِ چين ۽ اڀرندڙ معيشتن جي ترقي جي امڪانن تي اثر انداز ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته حڪومت پنهنجي اقتصادي منصوبه بندي ۽ مالياتي لاڳتن ۾ امڪاني پرڏيهي ۽ جاگرافيائي سياسي خطرن کي نظر ۾ رکيو، جنهن ۾ علائقائي غير يقيني صورتحال جا امڪاني سڌي ريت معاشي اثر پڻ شامل هئا. هن اميد ظاهر ڪئي ته خطي جي بهترين صورتحال سان معاشي استحڪام، سيڙپڪاري واپار ۽ مجموعي اقتصادي سرگرمين لاءِ وڌيڪ سازگار ماحول فراهم پيدا ٿيندو. سينيٽر محمد اورنگزيب برطانوي وفد کي پاڪستان ۾ جاري مالياتي ۽ اداره جاتي سڌارن کان به آگاهه ڪيو. هن محصولن ۾ بهتري، ٽيڪس نظام ۾ تعميل کي هٿي وٺائڻ، ليڪيجز جي خاتمي ۽ ٽيڪنالاجي، ڊيٽا انضمام، مرڪزي پراسيسنگ ۽ ڊجيٽل انوائسنگ ذريعي ٽيڪس نظام کي جديد بنائڻ وارن قدمن تي به روشني وڌي. ناڻي واري وزير چيو ته سڌارن واري ايجنڊا جو مقصد صرف محصولن ۾ اضافو ناهي پر شفافيت کي هٿي وٺائڻ، صوابديدي مداخلت ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ شهرين، ڪاروباري ادارن ۽ رياستي ادارن وچ ۾ اعتماد کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ به آهي. ملاقات ۾ حڪومت جي وسيع ڍانچي جاتي سڌارن واري پروگرام تي به ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ نجڪاري، سرڪاري ادارن جي رائيٽ سائيزنگ، سرڪاري خرچن جي سگهه ۾ بهتري، ڊجيٽل طرز حڪمراني ۽ هدفي سماجي تحفظ جي نظام کي وسعت ڏيڻ جهڙا قدم شامل هئا. ناڻي واري وزير ٽيڪنالاجي جي مدد سان خدمتن جي فراهمي ۽ سرڪاري وسيلن جي موثر استعمال جي حوالي سان اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو. برطانوي وزير اقتصادي سڌارن لاءِ حڪومت جي عزم جي تعريف ڪئي ۽ پاڪستان جي جاري سڌارن ۽ تبديلي جي ايجنڊا جي وسعت ۽ سنجيدگي کي تسليم ڪيو. هن سڌارن جي تسلسل، اداره جاتي بهتري ۽ اقتصادي هڪجهڙائي ۽ بهتر طرز حڪمراني کي هٿي وٺائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن گڏيل اقتصادي مفادن جي شعبن ۾ برطانيه پاران مسلسل تعاون ۽ رابطا جاري رکڻ ۾ دلچسپي جو به ورجاءُ ڪيو. ملاقات جي پڄاڻي تي ڌرين پائيدار اقتصاادي ترقي، اداره جاتي بهتري ۽علائقائي استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ ويجهي تعاون ۽ رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي عزم جو به ورجاءُ ڪيو.










