اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ان لينڊ روينيو جي وصولين کي وڌيڪ موثر، شفاف ۽ فيس ليس بڻائڻ جي لاءِ جامع منصوبي کي ساراهيندي چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي جي موثر استعمال جي ذريعي هڪ خودڪار، جديد ۽ موثر ٽيڪس مئنيجمينٽ نظام جو هي منصوبو حڪومت جي سڌاراجاتي ايجنڊا ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو، ٽيڪس وصولي جي نظام ۾ انساني مداخلت ۽ صوابديدي …
وزيراعظم جي صدارت هيٺ ايف بي آر ۾ جاري سڌارن بابت جائزه اجلاس، ٽيڪس وصولي نظام ۾ انساني مداخلت ۽ صوابديدي اختيارن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي: شهباز شريف
اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ان لينڊ روينيو جي وصولين کي وڌيڪ موثر، شفاف ۽ فيس ليس بڻائڻ جي لاءِ جامع منصوبي کي ساراهيندي چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي جي موثر استعمال جي ذريعي هڪ خودڪار، جديد ۽ موثر ٽيڪس مئنيجمينٽ نظام جو هي منصوبو حڪومت جي سڌاراجاتي ايجنڊا ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو، ٽيڪس وصولي جي نظام ۾ انساني مداخلت ۽ صوابديدي اختيارن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ ايف بي آر ۾ جاري سڌارن تي جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٽيڪس نظام کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ ۽ ٽيڪس وصولين ۾ اضافي جي لاءِ جاري قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ان لينڊ روينيو جي وصولين کي وڌيڪ موثر، شفاف ۽ فيس ليس بڻائڻ جي لاءِ هڪ جامع منصوبو پيش ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي موثر استعمال جي ذريعي هڪ خودڪار، جديد ۽ موثر ٽيڪس مئنيجمينٽ نظام جو هي منصوبو حڪومت جي سڌاراجاتي ايجنڊا ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن ٽيڪس وصولي جي نظام ۾ انساني مداخلت ۽ صوابديدي اختيارن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ کي وقت جي اهم ضرورت قرار ڏيندي چيو ته ان منصوبي جي لاڳو سان نه رڳو اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيندو پر ٽيڪس نظام ۾ شفافيت، انصاف ۽ عوامي اعتماد کي پڻ هٿي ملندي. هن واضح ڪيو ته معيشت جي دستاويزي شڪل ۽ ٽيڪس نيٽ ۾ توسيع جي لاءِ ايف بي آر سڌارن جو عمل جاري رهندو. وزيراعظم غيرقانوني سگريٽس جي خلاف موثر ڪاررواين تي صوبائي حڪومتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم انڪم ٽيڪس وصولي جي تجويز ڪيل آٽوميٽيڊ نظام کي آزمائشي بنيادن تي اسلام آباد کان شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽيڪس جو نئون تجويز ڪيل نظام ملڪيتن، گاڏين ۽ بئنڪن جي ڊيٽا جي ذريعي گهٽ ظاهر ڪيل آمدني ۽ اثاثن جي نشاندهي ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. بريفنگ موجب جديد ٽيڪنالاجي ۽ اي آءِ جي ذريعي ٽيڪس جي نظام کي خودڪار، شفاف ۽ موثر بڻايو ويندو. نئين نظام تحت نيشنل فيس ليس آڊٽ ونگ، نيشنل اسيسمنٽ ونگ ۽ فيلڊ آپريشنز ونگ قائم ڪرڻ جي تجويز آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته انفورسمنٽ قدمن جي ذريعي سگريٽ جي شعبي سان قومي خزاني کي هن سال 40 ارب رپيا اضافي ٽيڪس وصولي متوقع آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن راڻا تنوير حسين، اعظم نذير تارڙ، مصدق مسعود ملڪ، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، علي پرويز ملڪ، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، خاص معاون هارون اختر ۽ اعلى سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.












