اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته پاڪستان ايٿوپيا سان ثقافتي ۽ سياحتي ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي ۽ وزيراعظم جي هدايت موجب ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن کي مضبوط بنائڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪيو ويندو. هن اها ڳالهه اسلام آباد ۾ سندس وزارت ۾ ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر عمر …
پاڪستان ايٿوپيا سان ثقافتي ۽ سياحتي ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي: اورنگزيب خان کچي
اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته پاڪستان ايٿوپيا سان ثقافتي ۽ سياحتي ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي ۽ وزيراعظم جي هدايت موجب ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن کي مضبوط بنائڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪيو ويندو. هن اها ڳالهه اسلام آباد ۾ سندس وزارت ۾ ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر عمر حسين اوبا سان ملاقات دوران چئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ايٿوپيا سان پنهنجن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو ۽ ثقافتي ورثي جي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته ثقافتي سفارتڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وفدن جي مٽاسٽا، ثقافتي گروپس جي دؤرن ۽ گڏيل ثقافتي تقريبون ڪوٺائڻ وقت جي ضرورت آهي. هن تجويز ڏني ته پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي ڪلچر ڊيز کي متعارف ڪرايو وڃي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي ثقافتي وفدن جي گڏيل دؤرن جو به بندوبست ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان اڳ ئي ترڪيه ۽ تاجڪستان سميت مختلف ملڪن سان ثقافتي هفتا منعقد ڪري چڪو آهي ۽ ايٿوپيا جي ثقافتي وفد کي به لوڪ ورثه ۾ منعقد ٿيندڙ تقريبن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وڃي ٿي جتي پاڪستان جي علائقائي ثقافتي رنگن کي ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو. سفير پاڪستان جي مهمان نوازيءَ کي ساراهيندي پنهنجي ملڪ جي شاندار ثقافتي ورثي، منفرد ڪلينڊر سسٽم، روايتي ڏهاڙن ۽ لساني ۽ نسلي جدت تي تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ايٿوپين ايئر لائنز جي اهميت تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته اها ايئر لائن پاڪستان ۽ ايٿوپيا سان گڏوگڏ آفريقا جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهي آهي، جنهن سان سياحت ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي هٿي ملي رهي آهي. سفير ٻنهي ملڪن جي وزارتن وچ ۾ ثقافتي تعاون کي اداره جاتي شڪل ڏيڻ لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي تجويزن پڻ پيش ڪئي. وفاقي وزير ان تجويز جي آجيان ڪندي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته پاڪستان ايٿوپيا سان ثقافتي لاڳاپن کي نَون بلندين تائين وٺي وڃڻ لاءِ تيار آهي. اجلاس ۾ قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن واري سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني به شرڪت ڪئي ۽ چيو ته ايٿوپيا جي ثقافتي وفدن جي پاڪستان جي دؤري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.












