اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان سريلنڪا سان پنهنجي پراڻي ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي، تعليمي، دفاعي ۽ عوامي سطح تي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي آفيس موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي وزارت ۾ سريلنڪا …
سريلنڪا سان سياسي، اقتصادي، تعليمي، دفاعي ۽ عوامي سطح تي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهيون: اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان سريلنڪا سان پنهنجي پراڻي ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي، تعليمي، دفاعي ۽ عوامي سطح تي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي آفيس موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي وزارت ۾ سريلنڪا جي نيشنل ڊفينس ڪاليج جي هڪ اعلى سطح جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جيڪو پنهنجي مطالعاتي غيرملڪي دوري جي سلسلي ۾ پاڪستان آيل آهي. ملاقات ۾ وفد کي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي، خطي کي درپيش چئلينجز ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي موقف جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. سينيٽر اسحاق ڊار وفد جي آجيان ڪندي پاڪستان جي دوري کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل رابطن جي فروغ جي لاءِ اهم قرار ڏنو. هن وفد جي لاءِ پاڪستان ۾ ڪامياب ۽ ڪارائتي قيام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. نائب وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان سريلنڪا سان پنهنجي پراڻي ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي، تعليمي، دفاعي ۽ عوامي سطح تي تعاون جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته اهڙا دورا ٻنهي دوست ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.










