اسلام آباد - 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ڳالهه ٻولهه جي فروغ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ٽيليفون ڪري ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ جنگبندي جي قيام ۾ وزيراعظم جي …
پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ڳالهه ٻولهه جي فروغ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو: وزيراعظم شهباز شريف جي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ڳالهه ٻولهه جي فروغ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ٽيليفون ڪري ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ جنگبندي جي قيام ۾ وزيراعظم جي فعال سفارتي ڪوششن ۽ موثر ڪردار کي ساراهيو ۽ خطي ۾ امن جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوشش جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي موجوده صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ان اهم مرحلي تي قومي اتحاد ۽ ٻڌي جي ضرورت تي زور ڏيندي وزيراعظم ۽ حڪومت سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف بلاول ڀٽو زرداري جي خيالن ۽ حمايت تي ٿورا ادا ڪندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ڳالهه ٻولهه جي فروغ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته موجوده صورتحال ۾ گڏيل مشاورت ۽ قومي هم آهنگي لازمي آهي ته جيئن درپيش چئلينجز جو موثر انداز ۾ مقابلو ڪري سگهجي.












