اسلام آباد - 09 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريا ڳالهه ٻولهه جي ڪاميابي جي لاءِ سمورين ڌرين تي جنگبندي جي مڪمل پاسداري تي زور ڏنو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي ڪوششن جي ڀرپور تائيد ۽ حمايت تي آسٽريا جي چانسلر جا ٿورا مڃيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آسٽريا جي چانسلر ڪرسچن اسٽوڪر وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ٽيليفون …
وزيراعظم شهباز شريف سان آسٽريا جي چانسلر ڪرسچن اسٽوڪر جي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه، ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ سمورين ڌرين تي جنگبندي جي مڪمل پاسداري تي زور
اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريا ڳالهه ٻولهه جي ڪاميابي جي لاءِ سمورين ڌرين تي جنگبندي جي مڪمل پاسداري تي زور ڏنو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي ڪوششن جي ڀرپور تائيد ۽ حمايت تي آسٽريا جي چانسلر جا ٿورا مڃيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آسٽريا جي چانسلر ڪرسچن اسٽوڪر وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم هلندڙ سال فيبروري ۾ ويانا جي سرڪاري دوري جي موقعي تي ٿيندڙ تازي ملاقات جي خوشگوار ياد کي تازو ڪيو. وزيراعظم آسٽريا جي چانسلر پاران پاڪستان جي ڪوششن جي ڀرپور تائيد ۽ حمايت تي ٿورا مڃيا جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگبندي ممڪن ٿي ۽ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي بحالي يقيني بڻجي. ٻنهي اڳواڻن زور ڏنو ته سموريون ڌريون جنگبندي جي مڪمل پاسداري ڪن ته جيئن ڪامياب ڳالهه ٻولهه جي امڪانن کي سگهي ملي جيڪي خطي ۽ ان کان ٻاهر پائيدار امن ۽ استحڪام جو سبب بڻجي سگهجن ٿا.












