وزيراعظم شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه، وزيراعظم کي پاڪستان جي ڪامياب سفارتي ڪوششن تي مبارڪباد

اسلام آباد - 09 اپريل (اي پي پي) قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پاڪستان جي ڪامياب سفارتي ڪوششن تي مبارڪباد ڏني جنهن جي ڪري ايران ۽ آمريڪا ۾ جنگبندي ٿي ۽ ڌرين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيڻ وڃي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد …

اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پاڪستان جي ڪامياب سفارتي ڪوششن تي مبارڪباد ڏني جنهن جي ڪري ايران ۽ آمريڪا ۾ جنگبندي ٿي ۽ ڌرين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيڻ وڃي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. پنهنجي انتهائي گرمجوش ۽ دوستاڻي ڳالهه ٻولهه دوران قطر جي امير وزيراعظم کي پاڪستان جي ڪامياب سفارتي ڪوششن تي مبارڪباد ڏني جنهن جي ڪري ايران ۽ آمريڪا ۾ جنگبندي ٿي ۽ ڌرين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيڻ وڃي رهي آهي. پاڪستان جي مخلصاڻي ۽ ثالثي جي ڪوششن کي ساراهڻ تي قطر جي امير جا ٿورا ادا ڪندي وزيراعظم قطري قيادت جي دانشمندي ۽ تدبر کي ساراهيو جنهن جي ڪري گذريل ڇهن هفتن دوران مسلسل حملن کي منهن ڏيڻ جي باوجود مثالي تحمل جو مظاهرو ڪيو ويو. هن قطر جي قيادت ۽ عوام سان پاڪستان جي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي يقين ڏياريو ته ٻئي ملڪ سدائين هڪ ٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهندا. ٻنهي اڳواڻن ان اميد جو اظهار ڪيو ته گڏيل ڪوششن سان پوري خطي ۾ جلد امن واپس ايندو.