اسلام آباد - 09 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيا جي پرڏيهي سيڪريٽري يوويٽ ڪوپر (ڪامن ويلٿ اينڊ ڊيولپمينٽ آفيس) ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ گڏيل لاڳاپن جي مضبوطي جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي سيڪريٽري ڪوپر نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ جنگبندي جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪيو. …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان برطانيا جي پرڏيهي سيڪريٽري يوويٽ ڪوپر جي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه، گڏيل لاڳاپن جي مضبوطي جو ورجاءُ
اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيا جي پرڏيهي سيڪريٽري يوويٽ ڪوپر (ڪامن ويلٿ اينڊ ڊيولپمينٽ آفيس) ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ گڏيل لاڳاپن جي مضبوطي جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي سيڪريٽري ڪوپر نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ جنگبندي جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن جي حمايت جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ويجهي ٻطرفي لاڳاپن جي مضبوطي جو ورجاءُ ڪيو ۽ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.












