اسلام آباد - 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ثالثي جي ڪوششن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز …
وزيراعظم شهباز شريف سان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ملاقات، خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ثالثي جي ڪوششن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو
اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ثالثي جي ڪوششن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز هيستائين ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سموريون ڌريون امن ۽ جنگبندي کي برقرار رکن. وزيراعظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز سمورين ڌرين پاران تحمل جي مظاهري کي ساراهيو ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ٻنهي ڌرين کي پرامن ڳالهه ٻولهه واري حل تائين پهچڻ جي لاءِ مڪمل تعاون ۽ سهولت فراهم ڪندو رهندو. وزيراعظم ان عمل ۾ شامل ڌرين جي عزم کي ساراهيو ۽ امن حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن ۾ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن ايندڙ وفدن کي پنهنجي دعوت جو ورجاءُ ڪندي يقين ڏياريو ته پاڪستان پاران انهن کي بهترين ميزباني ۽ ڀرپور تعاون فراهم ڪيو ويندو.












