اسلام آباد - 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لبنان جي خلاف اسرائيل جي جارحيت جي شديد مذمت ڪندي هزارين قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته لبنان جي وزيراعظم نواف سلام لبنان ۽ ان جي عوام کي نشانو بڻائيندڙ حملن کي فوري طور تي روڪرائڻ جي لاءِ پاڪستان کان تعاون طلب ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري …
وزيراعظم شهباز شريف جي لبنان جي وزيراعظم سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه، لبنان جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي شديد مذمت
اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لبنان جي خلاف اسرائيل جي جارحيت جي شديد مذمت ڪندي هزارين قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته لبنان جي وزيراعظم نواف سلام لبنان ۽ ان جي عوام کي نشانو بڻائيندڙ حملن کي فوري طور تي روڪرائڻ جي لاءِ پاڪستان کان تعاون طلب ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف لبنان جي وزيراعظم نواف سلام سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم لبنان جي خلاف اسرائيل جي جاري جارحيت جي شديد مذمت ڪئي ۽ هزارين قيمتي جانين جي زيان تي ڏک جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان علائقائي امن جي لاءِ مخلصاڻي ڪوششن ۾ مصروف آهي ۽ انهي جذبي تحت ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ امن ڳالهه ٻولهه جو انعقاد ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي امن جي ڪوششن تي ٿورا مڃيندي لبنان جي وزيراعظم لبنان ۽ ان جي عوام کي نشانو بڻائيندڙ حملن کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان کان تعاون طلب ڪيو. ٻنهي اڳواڻن رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.












