وزيراعظم شهباز شريف پاران فرانس سميت دوست ملڪن ۽ حصيدارن سان گڏجي امن جي لاءِ ڪم جاري رکڻ جي عزم جو اظهار

اسلام آباد - 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانس سميت دوست ملڪن ۽ حصيدارن سان گڏجي امن جي لاءِ ڪم جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي فرانس جي صدر پاران نيڪ خواهشن جي اظهار تي سندس ٿورا مڃيا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ ٻڌايو ته کيس صدر ايمانوئل ميڪرون پاران هڪ انتهائي خوشگوار ۽ بامعنيٰ ٽيليفون ڪال آئي، صدر ميڪرون …

اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانس سميت دوست ملڪن ۽ حصيدارن سان گڏجي امن جي لاءِ ڪم جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي فرانس جي صدر پاران نيڪ خواهشن جي اظهار تي سندس ٿورا مڃيا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ ٻڌايو ته کيس صدر ايمانوئل ميڪرون پاران هڪ انتهائي خوشگوار ۽ بامعنيٰ ٽيليفون ڪال آئي، صدر ميڪرون ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگبندي ڪرائڻ ۾ پاڪستان جي مخلصاڻي ڪوششن ۽ ٻنهي ڌرين کي ڳالهه ٻولهه جي ميز تي آڻڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار تي انتهائي خلوص سان مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته هو ان جي محبت ڀريل لفظن ۽ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ايندڙ امن ڳالهه ٻولهه جي ڪاميابي جي لاءِ سندس نيڪ خواهشن کي دل جي گهرائي سان ساراهي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي حصيدارن ۽ دوست ملڪن بشمول فرانس سان گڏجي ڪم جاري رکندو ته جيئن ان موقعي کي هڪ پائيدار امن ۾ تبديل ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته فرانس جي صدر لبنان ۾ جاري جارحيت تي پڻ شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تشدد ۽ بيگناهه جانين جي زيان کي فوري طور تي روڪيو وڃي ته جيئن پوري خطي ۾ ٻيهر امن قائم ٿي سگهي.