نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي ڏکڻ آفريقا جي عالمي لاڳاپن ۽ تعاون واري وزير سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه، وچ اوڀر ۽ خطي ۾ تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد - 09 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڏکڻ آفريقا جي عالمي لاڳاپن ۽ تعاون واري وزير رونالڊ لامولا سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ وچ اوڀر ۽ خطي ۾ تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڏکڻ آفريقا جي عالمي لاڳاپن واري وزير رونالڊ لامولا عارضي جنگبندي حاصل ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن …

اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڏکڻ آفريقا جي عالمي لاڳاپن ۽ تعاون واري وزير رونالڊ لامولا سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ وچ اوڀر ۽ خطي ۾ تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڏکڻ آفريقا جي عالمي لاڳاپن واري وزير رونالڊ لامولا عارضي جنگبندي حاصل ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پائيدار امن جي لاءِ اميد جو اظهار ڪيو. هن خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏنو.