اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري جي گهر پهچي سندس سسُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر، سردار اويس احمد خان لغاري ۽ سندس ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته مرحومه جو لاڏاڻو ڏکويل ڪٽنب لاءِ نقصان ۽ صدمو آهي. ڏُک جي …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي وفاقي وزير سردار اويس لغاري جي گهر آمد، سندس سسُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار
اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري جي گهر پهچي سندس سسُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر، سردار اويس احمد خان لغاري ۽ سندس ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته مرحومه جو لاڏاڻو ڏکويل ڪٽنب لاءِ نقصان ۽ صدمو آهي. ڏُک جي هن گهڙيءَ ۾ ڏکويل ڪٽنب جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان. هن مرحومه جي روح کي ثواب پهچائڻ ۽ درجن جي بلنديءَ لاءِ دُعا پڻ ڪئي.












