وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ملڪ ۾ ڊجيٽل آپريٽرز انڊسٽري ۾ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار

اسلام آباد- پهرين اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ ڊجيٽل آپريٽرز انڊسٽري ۾ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جدت ۽ عالمي سيڙپڪاري کي وڌائڻ لاءِ هڪ موثر ۽ جامع حڪمت عملي تحت ڪم ڪري رهيو آهي. گلوبل ڊجيٽل آپريٽر VEON گروپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪان ترزي اوعلو وفد سان …

اسلام آباد- پهرين اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ ڊجيٽل آپريٽرز انڊسٽري ۾ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جدت ۽ عالمي سيڙپڪاري کي وڌائڻ لاءِ هڪ موثر ۽ جامع حڪمت عملي تحت ڪم ڪري رهيو آهي. گلوبل ڊجيٽل آپريٽر VEON گروپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪان ترزي اوعلو وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. اربع تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم وفد سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ڊجيٽل آپريٽرز انڊسٽري ۾ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان ۾ 5G اسپيڪٽرم جي تازي ڪامياب نيلامي هن شعبي ۾ جدت لاءِ اسان جي مثبت ۽ موثر رُخ جو ثبوت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان معيشت ۾ ڊجيٽلائيزيشن کي اختيار ڪندي شفافيت کي يقيني بڻائڻ چاهي ٿو. ملڪ ۾ ٽيليڪام آپريٽرز کي G5 اسپيڪٽرم جي نيلامي کانپوءِ عوام کي معياري انٽرنيٽ خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ سمُورا لاڳاپيل ادارا گڏيل تعاون ۽ هم آهنگي سان ڪم ڪري رهيا آهن. پاڪستان جي نوجوان آبادي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمز تي تعميري شرڪت ذريعي ملڪ جي معيشت ۽ معياري خدمتن جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. پاڪستان جي نوجوان آبادي جو ٽيليڪام ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ رجحان عالمي سيڙپڪارن لاءِ دلچسپي جو سبب آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جدت کي اختيار ڪرڻ ۽ عالمي سيڙپڪاري کي وڌائڻ لاءِ هڪ موثر ۽ جامع حڪمت عملي تحت ڪم ڪري رهيو آهي. وفاقي حڪومت عالمي سيڙپڪارن جي سهولت ۽ آساني لاءِ سڀني ادارن جي گڏيل تعاون سان عملي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ڪيش ليس معيشت حاصل ڪرڻ لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو موثر استعمال حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. گلوبل ڊجيٽل آپريٽر VEON گروپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪان ترزي اوعلو چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم سڀني شعبن ۾ شفافيت ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ لاءِ تمام مؤثر قدم کنيا آهن. پاڪستان ڊجيٽل معيشت حاصل ڪرڻ ۽ G5 اسپيڪٽرم جي نيلامي ۾ تمام تيزي سان ڪم ڪيو آهي جيڪو ساراهه جوڳو آهي. ڪان ترزي اوعلو ڪيش ليس معيشت ۽ معيشت جي مڪمل ڊجيٽلائيزيشن لاءِ وزيراعظم جي نگراني ۾ حڪومت پاران کنيل قدمن جي واکاڻ ڪئي. هن پنهنجي ڪمپني طرفان پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري وڌائڻ جي ارادي جو به اظهار ڪيو. مُلاقات ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، جيز ورلڊ جي سي اي او عامر ابراهيم ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں