اسلام آباد-31 مارچ (اي پي پي) چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته وقت سر ۽ اثرائتي انصاف جي فراهمي آئيني گهرجن ۽ عدليه جي بنيادي ذميداري آهي. جاري پڌرائيءَ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن عدالتي سڌارن تحت ريفارم ايڪشن پلان تي اڳڀرائيءَ جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي محتسب نويد ڪامران بلوچ سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، جتي عدالتي نظام …
وقت سر ۽ اثرائتي انصاف جي فراهمي آئيني گهرجن ۽ عدليه جي بنيادي ذميداري آهي: چيف جسٽس يحيٰ آفريدي

مزید خبریں
اسلام آباد-31 مارچ (اي پي پي) چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته وقت سر ۽ اثرائتي انصاف جي فراهمي آئيني گهرجن ۽ عدليه جي بنيادي ذميداري آهي. جاري پڌرائيءَ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن عدالتي سڌارن تحت ريفارم ايڪشن پلان تي اڳڀرائيءَ جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي محتسب نويد ڪامران بلوچ سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، جتي عدالتي نظام کي جديد رُخن تي آڻڻ، ڪيسن جي وقت سر فيصلن ۽ عوامي سهولتن ۾ بهتريءَ بابت قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته گذريل 3 مهينن دوران 3600 نوان ڪيس داخل ٿيا، جڏهن ته 5383 ڪيس اُڪلايا ويا، جنهن سان التوا هيٺ ڪيسن جو انگ گهٽ ٿي 34083 رهجي ويو. چيف جسٽس ان اڳڀرائيءَ کي ساراهيندي ان کي اثرائتي ڪيس مئنجمينٽ ۽ اداره جاتي ڪاوشن جو نتيجو قرار ڏنو. ان کان علاوه سزاءِ موت جي ڪيسن ۽ جيل پٽيشنز جو به جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته التوا هيٺ موت جون سزا واريون اپيلون ايندڙ 30 ڏينهن ۾ ٻُڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪيون وينديون جڏهن ته پراڻن ڪيسن کي ترجيحي بنيادن تي اُڪلايو ويندو. چيف جسٽس ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته شفاف، جديد ۽ عوام دوست انصاف واري نظام جي قيام لاءِ سڌارن جو عمل جاري رکيو ويندو.











