اسلام آباد-31 مارچ (اي پي پي) وفاقي حڪومت ۽ صوبن جي اعليٰ سياسي قيادت وچ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۽ سبسڊيءَ جي طريقيڪار تي اجلاس ناڻي واري وزارت ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز (وڊيو لنڪ ذريعي)، سنڌ جي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه (وڊيو لنڪ ذريعي)، بلوچستان جي وڏو وزير مير سرفراز بگٽي ۽ …
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ پيٽروليم شين جي قيمتن ۽ سبسڊيءَ جي طريقيڪار تي اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-31 مارچ (اي پي پي) وفاقي حڪومت ۽ صوبن جي اعليٰ سياسي قيادت وچ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۽ سبسڊيءَ جي طريقيڪار تي اجلاس ناڻي واري وزارت ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز (وڊيو لنڪ ذريعي)، سنڌ جي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه (وڊيو لنڪ ذريعي)، بلوچستان جي وڏو وزير مير سرفراز بگٽي ۽ ڪي پي ڪي جي ناڻي واري وزير مزمل اسلم (وڊيو لنڪ ذريعي) شرڪت ڪئي. ان کان علاوه چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين (وڊيو لنڪ ذريعي)، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، اقتصادي معاملن بابت وفاقي وزير احد چيما، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه جڏهن ته ناڻي وزارت، پيٽروليم، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام جي وفاقي سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن ۽ ريگيوليٽري ادارن جا سينيئر عملدار به اجلاس ۾ شريڪ هئا. ناڻي واري وزير شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪيو ۽ واضح ڪيو ته هي اجلاس اعليٰ سياسي قيادت جي اڳواڻيءَ ۾ جاري صلاح مشوري جو تسلسل آهي جنهن جو مقصد پيٽروليم قيمتن ۽ سبسڊي سڌارن لاءِ هڪ مربوط ۽ جٽادار حڪمت عملي جوڙڻ آهي. هن گڏيل مشاورت ۽ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ويجهن رابطن جي اهميت تي زور ڀريو. اجلاس ۾ عمومي سبسڊي جي نظام کان هٽي هدفي ۽ اثرائتي معاونت جي فريم ورڪ طرفان منتقلي تي تفصيلي غور ڪيو ويو. صوبائي حڪومتن پنهنجون انتظامي صلاحيتون، دستياب ڊيٽا ۽ سماجي ۽ معاشي حالتن موجب مختلف تجويزون ۽ نقطهءِ نظر پيش ڪيو. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي به غور ڪيو ته معاونت جي قدمن کي ڪهڙيءَ طرح معاشري جي ڪمزور طبقن تائين اثرائتي انداز ۾ پهچائي وڃي جڏهن ته مالياتي نظم و ضبط برقرا رکيو وڃي ۽ مارڪيٽ ۾ بگاڙ گهٽ کان گهٽ ٿئي. سبسڊي جي فراهمي جي امڪاني طريقيڪار، خاص ڪري موجوده ڊيٽا بيس، ڊجيٽل پليٽ فارمز ۽ روڪ رقم جي منتقليءَ جي نظام تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به زور ڀريو ويو ته مستقبل جي ڪنهن به سبسڊي اسڪيم جي ڊزائين ۽ لاڳو ڪرڻ ۾ شفافيت، جوابدهي ۽ اثرائتي طرزِ حڪمرانيءَ کي يقيني بڻايو وڃي. قومي سطح تي مربوط حڪمت عمليءَ سان گڏوگڏ صوبائي سطح تي عملدرآمد ۾ لچڪ جي ضرورت کي به اجاگر ڪيو ويو. ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته هدفي سبسڊي جي امڪاني نظام جو هڪ ابتدائي خاڪو تيار ڪري سمورن لاڳاپيل ڌُرين سان شيئر ڪيو وڃي ته جيئن وڌيڪ رايا حاصل ڪري سگهجن. صوبا پنهنجون تجويزون وڌيڪ بهتر بڻائيندا رهن ته جيئن اتفاق راءِ تي ٻَڌل ۽ عمل جوڳي حل تائين پهچي سگهجي. ناڻي واري وزير سمورن شرڪت ڪندڙن جي تعميري شرڪت کي ساراهيو ۽ حڪومت جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته معاشي استحڪام کي يقيني بنائيندي ڪمزور طبقن جو تحفظ ڪيو وڃي.











