ناڻي واري وفاقي وزير سان ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي ملاقات

اسلام آباد-31 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سهيل آفريدي ناڻي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات خوشگوار ۽ تعميري ماحول ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران وڏي وزير ڪي پي ڪي کي درپيش مختلف معاشي ۽ مالي مسئلن کان ناڻي واري وفاقي وزير …

اسلام آباد-31 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سهيل آفريدي ناڻي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات خوشگوار ۽ تعميري ماحول ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران وڏي وزير ڪي پي ڪي کي درپيش مختلف معاشي ۽ مالي مسئلن کان ناڻي واري وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو ۽ ان جي حل لاءِ وفاقي حڪومت جي سهڪار جي ضرورت تي زور ڀريو. وفاقي وزير وڏي وزير کي خاطري ڏياري ته وفاقي حڪومت صوبي جي سمورن جائز مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور سهڪار ڪندي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته صوبائي حڪومتن کي درپيش مالي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته معاشي استحڪام ۽ جٽادار ترقيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ گڏيل رابطن ۽ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو.

مزید خبریں