بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن سان  وي اي او اين گروپ جي سي ايس او ۽ جاز ورلڊ جي سي اي او جي ملاقات

اسلام آباد-31 مارچ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن سينيٽر روبينه خالد سان  وي اي او اين (VEON )گروپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ جاز ورلڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عامر ابراهيم ۽ جاز جي چيف ڪارپوريٽ اينڊ ريگيوليٽري آفيسر سيد ظهير مهدي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران بي آءِ ايس پي مستحق عورتن کي ڊجيٽل ۽ مالي خواندگي، مصنوعي ذهانت جي استعمال، اسڪل ٽريننگ ۽ جديد ڊجيٽل ۽ سوشل ميڊيا ذريعي …

اسلام آباد-31 مارچ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن سينيٽر روبينه خالد سان  وي اي او اين (VEON )گروپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ جاز ورلڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عامر ابراهيم ۽ جاز جي چيف ڪارپوريٽ اينڊ ريگيوليٽري آفيسر سيد ظهير مهدي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران بي آءِ ايس پي مستحق عورتن کي ڊجيٽل ۽ مالي خواندگي، مصنوعي ذهانت جي استعمال، اسڪل ٽريننگ ۽ جديد ڊجيٽل ۽ سوشل ميڊيا ذريعي آگاهي مهارت کي هٿي ڏيڻ سميت ادائيگي جي طريقيڪار ۾ امڪاني حصيداري تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي چيئر پرسن سينيٽر روبينه خالد چيو ته بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ ادارن وچ ۾ مؤثر اشتراڪ نهايت اهم آهي. هن چيو ته مستحق عورتن کي باعزت ۽ شفاق انداز ۾ مالي معاونت جي فراهمي بي آءِ ايس پي جي اولين ترجيح آهي، عورتن کي اسڪل ٽريننگ ذريعي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ مصنوعي ذهانت جي استعمال سان علائقائي ٻولين ۾ آڊيو ۽ وڊيو ٽيوٽوريلز ذريعي ڊجيٽل ۽ مالي خواندگي جي تربيت وقت جي ضرورت آهي.  وي اي او اين گروپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪان ترزيو گلو، بي آءِ ايس پي جي قدمن ۽ سڌارن کي ساراهيندي اداري سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو يقين ڏياريو، هن مصنوعي ذهانت جي استعمال ۽ مستحق عورتن جي ڊجيٽل ۽ مالي خواندگي لاءِ گڏيل ورڪشاپس منعقد ڪرڻ جي به تجويز پيش ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۽ مستحق عورتن جي ڊجيٽل شموليت وڌائڻ لاءِ گڏيل قدمن تي اتفاق ڪيو ويو.

مزید خبریں