پاڪستان ۾ ڊجيٽل فنانس ۾ نمايان اڳڀرائي، عالمي سيڙپڪارن جي دلچسپي ۾ اضافو

اسلام آباد _ 30 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۾ ڊجيٽل فنانس جي شعبي ۾ تيزي سان ترقي ٿي رهي آهي جنهن سبب عالمي سيڙپڪارن جي دلچسپي ۾ اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، ملڪ ۾ وڌندڙ ڊجيٽل موقعا سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهيا آهن. ايس آءِ ايف سي اختيارين مطابق ان سلسلي ۾ چين جي مشهور ڪمپني چيني فن ويليوشن گروپ ۽ فن ليپ جي وفد (ايس اي سي …

اسلام آباد _ 30 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۾ ڊجيٽل فنانس جي شعبي ۾ تيزي سان ترقي ٿي رهي آهي جنهن سبب عالمي سيڙپڪارن جي دلچسپي ۾ اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، ملڪ ۾ وڌندڙ ڊجيٽل موقعا سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهيا آهن. ايس آءِ ايف سي اختيارين مطابق ان سلسلي ۾ چين جي مشهور ڪمپني چيني فن ويليوشن گروپ ۽ فن ليپ جي وفد (ايس اي سي پي) جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪبير احمد سڌو سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڊجيٽل فنانس ريگيوليٽري سڌارن ۽ مالي شموليت کي هٿي وٺرائڻ جي مختلف رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد، ايس اي سي پي طرفان متعارف ڪرايل سڌارن کي ساراهيندي پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت ۾ جديد مالياتي حل متعارف ڪرائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. چيني فن ويليوشن گروپ ۽ فن ليپ هن وقت پاڪستان ۾ پنهنجين آپريشنز کي سگهه ڏئي رهيا آهن. فن ليپ جو دائرو پليٽ فارم صارفين کي آسان ۽ فوري ڊجيٽل قرض سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي، جيڪو مالياتي خدمتن تائين رسائي کي وڌيڪ بهتر بڻائي رهيو آهي.

مزید خبریں