پشاور _ 30 مارچ (اي پي پي) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي، صوبي ۾ تازو پيل برساتن سبب مختلف علائقن ۾ پيش آيل حادثن ۾ جاني ۽ مالي نقصانن تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وڏي وزير، متاثر خاندانن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي فوتين جي مغفرت ۽ پوئينرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. هن، زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وڏي وزير …
خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير پاران برساتن سبب حادثن ۾ جاني ۽ مالي نقصانن تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
پشاور _ 30 مارچ (اي پي پي) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي، صوبي ۾ تازو پيل برساتن سبب مختلف علائقن ۾ پيش آيل حادثن ۾ جاني ۽ مالي نقصانن تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وڏي وزير، متاثر خاندانن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي فوتين جي مغفرت ۽ پوئينرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. هن، زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وڏي وزير لاڳاپيل اسپتالن جي انتظاميه کي هدايت ڪئي ته زخمين کي فوري ۽ بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيو وڃن ۽ ريسڪيو ۽ رليف سرگرمين کي وڌيڪ تيز ڪيون وڃي. وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت هن مشڪل گهڙي ۾ متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي ۽ کين اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. هن يقين ڏياريو ته متاثر خاندانن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي.











