ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جا ذخيرا وافر مقدار ۾ موجود، عوام کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي: ناڻي بابت وفاقي وزير جو مشير خرم شهزاد

اسلام آباد _ 30 مارچ (اي پي پي) ناڻي بابت وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جا وافر  مقدار ۾ ذخيرا موجود آهن ۽ عوام کي ڪنهن به قسم جي کوٽ يا سپلائي ۾ رنڊڪ جي حوالي سان پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي. نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهيندي هن ٻڌايو ته پهرين پيٽروليم مصنوعات جو ذخيرو لڳ ڀڳ 24 ڏينهن لاءِ ڪافي هو جنهن کي مؤثر حڪمت عملي …

اسلام آباد _ 30 مارچ (اي پي پي) ناڻي بابت وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جا وافر  مقدار ۾ ذخيرا موجود آهن ۽ عوام کي ڪنهن به قسم جي کوٽ يا سپلائي ۾ رنڊڪ جي حوالي سان پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي. نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهيندي هن ٻڌايو ته پهرين پيٽروليم مصنوعات جو ذخيرو لڳ ڀڳ 24 ڏينهن لاءِ ڪافي هو جنهن کي مؤثر حڪمت عملي ذريعي وڌائي هاڻي چئن هفتن تائين ڪري ڇڏيو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مارچ ۽ اپريل مهينن لاءِ تيل جو ذخيرو مڪمل طور تي موجود آهي ۽ سپلائي چين کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جا قدم جاري آهن. خرم شهزاد چيو ته حڪومت ڪفايت شعاري پاليسي تحت غير ضروري خرچن ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ هڪ ارب 25 ڪروڙ رپين جي مدد فراهم ڪئي وئي. هن، ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت قومي وسيلن جي مؤثر استعمال کي يقيني بڻائڻ لاءِ عملي قدم جاري رکندي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته قومي مفاد ۾ ذميواري جو مظاهرو ڪري حڪومت سان سهڪار ڪيو وڃي ته جيئن معاشي استحڪام وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. اي

مزید خبریں