اسلام آباد-30 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ملڪ جي نائب وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته خطي ۾ ڇڪتاڻ جي نازڪ صورتحال ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سندس جاري سفارتي ڪوششون ، عالمي اڳواڻن سان رابطا، ملاقاتون ۽ امن لاءِ سنجيده ڪوششون ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهن ته هو جنگ روڪرائڻ …
پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير پاران نائب وزير اعظم اسحاق ڊار کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-30 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ملڪ جي نائب وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته خطي ۾ ڇڪتاڻ جي نازڪ صورتحال ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سندس جاري سفارتي ڪوششون ، عالمي اڳواڻن سان رابطا، ملاقاتون ۽ امن لاءِ سنجيده ڪوششون ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهن ته هو جنگ روڪرائڻ ۽ خطي ۾ استحڪام لاءِ پوري توانائي سان ڪوششون ڪري رهيو آهي. سومر ڏينهن ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان ذميواراڻي سفارتڪاري جو مظاهرو ڪندي وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۽ ڳالهين کي هٿي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اها سخت محنت ۽ وابستگي هڪ اهڙي اڳواڻ جي عڪاسي ڪري ٿي جيڪو نه رڳو بيانن تائين محدود آهي پر عملي قدمن ذريعي امن قائم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات سرگرم آهي.











