اسلام آباد -30 مارچ (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينھن جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 25 ھزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 17 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 17 هزار 900 ڪيوسڪ آھي. خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 16هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 16 هزار 500 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 18 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 22 هزار ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 14 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 8 هزار 100 …
ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد -30 مارچ (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينھن جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 25 ھزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 17 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 17 هزار 900 ڪيوسڪ آھي. خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 16هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 16 هزار 500 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 18 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 22 هزار ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 14 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 8 هزار 100 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.بئراجن جي صورتحال مطابق جناح بيراج ۾ پاڻي جي آمد 40 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 35 هزار 200 ڪيوسڪ، چشمه بيراج ۾ پاڻي جي آمد 27 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 هزا ڪيوسڪ، تونسه بيراج ۾ پاڻي جي آمد 31 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 31 هزار 400 ڪيوسڪ، گڊو بيراج ۾ پاڻي جي آمد 36 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 33 هزار 600 ڪيوسڪ، سکر بيراج ۾ پاڻي جي آمد 33 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7هزار 500 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بيراج ۾ پاڻي جي آمد 06 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ زيرو ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1448.29فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.961 ملين ايڪڙ فٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1136.15 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 1.208 ملين ايڪڙ فٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 641.40 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.051 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.











