پشاور -30 مارچ (اي پي پي ) خيبر پختونخواهه جي مختلف ضلعن نوشهره، مردان، چار سده، صوابي، ٽانڪ، ڪرڪ، بنون، اتر ڏکڻ وزيرستان ۾ 25 مارچ کان هيستائين ٿيل برساتن سبب گهرن جون چتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ سبب 9 ڄڻا فوت ۽ 47 زخمي ٿي پيا آهن. پي ڊي ايم اي موجب فوت ٿيلن ۾ 8 ٻار ۽ هڪ عورت جڏهن ته زخمين ۾ 26 مرد ۽ 21 ٻار شامل …
خيبر پختونخواهه ۾ برساتن سبب 9 ڄڻا اجل جو شڪار. 47 زخمي

مزید خبریں
پشاور -30 مارچ (اي پي پي ) خيبر پختونخواهه جي مختلف ضلعن نوشهره، مردان، چار سده، صوابي، ٽانڪ، ڪرڪ، بنون، اتر ڏکڻ وزيرستان ۾ 25 مارچ کان هيستائين ٿيل برساتن سبب گهرن جون چتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ سبب 9 ڄڻا فوت ۽ 47 زخمي ٿي پيا آهن. پي ڊي ايم اي موجب فوت ٿيلن ۾ 8 ٻار ۽ هڪ عورت جڏهن ته زخمين ۾ 26 مرد ۽ 21 ٻار شامل آهن . برساتن سبب هاڻي تائين جي رپورٽ موجب 6 گهرن کي ٿورو نقصان پهتو آهي. اهو حادثو ٻن ضلعن بنون ۽ اتر وزيرستان ۾ پيش آيو. صوبي جي مختلف ضلعن ۾ برساتن جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي. اهو سلسلو گذريل ڏينهن تائين رهڻ جو امڪان آهي. عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو بغير ڪنهن سبب جي سفر ڪرڻ کان پرهيز ڪن. حساس سياحتي هنڌن تي نه وڃن. حڪومتي ادارن پاران الرٽس ۽ ايڊوائيزري تي عمل ڪيو وڃي.











