اسلام آباد -30 مارچ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ناڪاري رجحان ڏسڻ ۾ آيو جتي ڪاروبار جي شروعات تي ئي مارڪيٽ ۾ نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. تفصيل موجب ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 5000 کان وڌيڪ پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ هڪ لک 47 هزار 49 پوائنٽس جي سطح تي اچي ويو. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري هفتي جي پڄاڻي تي انڊيڪس هڪ لک 51 هزار …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هفتي جي شروعات تي شديد ٻاڙائي، ايشيائي مارڪيٽ به دٻاءُ جو شڪار

مزید خبریں
اسلام آباد -30 مارچ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ناڪاري رجحان ڏسڻ ۾ آيو جتي ڪاروبار جي شروعات تي ئي مارڪيٽ ۾ نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. تفصيل موجب ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 5000 کان وڌيڪ پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ هڪ لک 47 هزار 49 پوائنٽس جي سطح تي اچي ويو. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري هفتي جي پڄاڻي تي انڊيڪس هڪ لک 51 هزار 707 پوائنٽس تي بند ٿيو هو، جنهن جي ڀيٽ ۾ اڄ نمايان گهٽتائي ڏٺي وئي. ماهرن مطابق مارڪيٽ ۾ اها ٻاڙائي عالمي ۽ علائقائي غير يقيني صورتحال سبب سامهون آئي آهي، خاص طور تي وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ، سيڙپڪارن کي محتاط بڻايو آهي. ٻئي طرف ايشيائي اسٽاڪ مارڪٽون به دٻاءُ جو شڪار رهيون. اهڙي طرح فٽسي برسا ملائيشيا ۾ ڏيڍ سيڪڙو گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي، جڏهن ته شنگهائي ڪمپوزٽ انڊيڪس ۽ هينگ سينگ انڊيڪس ۾ به لڳ ڀڳ هڪ سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي جيڪڏهن عالمي حالتن ۾ بهتري نه آئي ته ايندڙ ڏينهن ۾ مارڪيٽ ۾ لاٿ ۽ چاڙهه جاري رهڻ جو امڪان آهي.











