وزيراعظم محمد شهباز شريف کي يورپي ڪائونسل جي صدر جو فون، ايران ۽ نار ملڪن ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ ان جي عالمي معيشت تي اثرن تي ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد - 30 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ يورپي ڪائونسل ايران ۽ نار ملڪن ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ ان جي عالمي معيشت تي اثرن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي بحران جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي يورپي ڪائونسل جي صدر انتونيو ڪوسٽا ٽيليفون ڪئي. خوشگوار ۽ …

اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ يورپي ڪائونسل ايران ۽ نار ملڪن ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ ان جي عالمي معيشت تي اثرن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي بحران جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي يورپي ڪائونسل جي صدر انتونيو ڪوسٽا ٽيليفون ڪئي. خوشگوار ۽ دوستاڻي ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ايران ۽ نار ملڪن ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ ان جي عالمي معيشت تي اثرن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان بحران جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم يورپي ڪائونسل جي صدر کي وچ اوڀر جي بحران ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ثالثي ڪوششن بابت تازي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو. يورپي ڪائونسل جي صدر پاڪستان جي امن ڪوششن جي تائيد ڪندي ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته يورپي يونين خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ سمورن سفارتي قدمن جي حمايت ڪري ٿي. پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان انهن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن ياد ڏياريو ته گذريل مهيني برسلز جو سندس طئي ٿيل دورو ملتوي ٿي ويو هو. يورپي ڪائونسل جي صدر چيو ته هو گڏيل طور تي طئي ٿيل تاريخن تي وزيراعظم جي برسلز ۾ آجيان ڪرڻ جو منتظر آهي. جي ايس پي پلس جي اهميت کي اجاگر ڪندي وزيراعظم چيو ته هو 28 – 29 اپريل 2026ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ پهرين پاڪستان – يورپي يونين بزنس فورم جو افتتاح ڪرڻ جو منتظر آهي. وزيراعظم يورپي ڪميشن جي صدر ارسلا وان ڊيرليئين جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.

مزید خبریں