اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر جا پرڏيهي وزير وچ اوڀر ۾ تڪرار گهٽائڻ ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ مشاورتي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ واپس روانا ٿي ويا. ايئرپورٽ تي انهن کي وچ اوڀر بابت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري سيد احمد معروف، افغانستان ۽ اولهه ايشيا بابت اضافي ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري سيد علي اسد گيلاني …
سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر جا پرڏيهي وزير مشاورتي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ واپس روانا

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر جا پرڏيهي وزير وچ اوڀر ۾ تڪرار گهٽائڻ ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ مشاورتي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ واپس روانا ٿي ويا. ايئرپورٽ تي انهن کي وچ اوڀر بابت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري سيد احمد معروف، افغانستان ۽ اولهه ايشيا بابت اضافي ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري سيد علي اسد گيلاني ۽ پرڏيهي معاملن واري وزارت جي ٻين عملدارن کين الوداع ڪيو. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان، ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان ۽ مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي جي پاڪستان جي دوري جو مقصد پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر جي وچ ۾ مشاورتي عمل جي ٻئي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ هو، جيڪو اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. ان سلسلي ۾ پهريون اجلاس 19 مارچ 2026ع تي رياض ۾ ٿيو هو. انهن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي اسلام آباد جو دورو ڪيو. انهن پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ موجوده علائقائي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ خطي ۾ جاري جنگ جي جلد ۽ مستقل خاتمي لاءِ ممڪن طريقن تي پڻ غور ڪيو ويو. پرڏيهي وزيرن ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته جاري تڪرار وسيع تر خطي ۾ انساني زندگين ۽ روزگار تي هاڃيڪار اثر وجهي رهيو آهي جيڪو تمام گهڻو افسوسناڪ آهي. پرڏيهي وزيرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هي جنگ ڪنهن جي به مفاد ۾ نه آهي ۽ ان جو نتيجو صرف موت ۽ تباهي جي صورت ۾ نڪرندو. انهن مشڪل حالتن ۾ مسلمان امت جو اتحاد تمامگهڻو ضروري آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار دورو ڪندڙ پرڏيهي وزيرن کي اسلام آباد ۾ ممڪن آمريڪا-ايران ڳالهين جي امڪانن کان آگاهه ڪيو، جنهن جي مهمان پرڏيهي وزيرن مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو. مشاورتي اجلاس ۾ حصو وٺندڙ پرڏيهي وزيرن صورتحال کي ڪنٽرول ۾ رکڻ، ڇڪتاڻ جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ بامعني ڳالهه ٻولهه لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. پرڏيهي وزيرن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تڪرارن جي خاتمي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري واحد قابل عمل رستو آهي ۽ گڏيل قومن جي منشور جي اصولن سميت سڀني رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي ساليمت جي احترام تي عمل درآمد تي زور ڏنو. پرڏيهي وزيرن چئني ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي طريقن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڀائر ملڪن سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن طرفان خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت تي سندن دل جي گهراين سان ٿورا مڃيا. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان، ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان ۽ عرب جمهوريه مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان به ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزيرن وزيراعظم کي وچ اوڀر ۾ جاري صورتحال تي پنهنجي پنهنجي ملڪن جي موقف کان آگاهه ڪيو. پاڪستان جي تعميري ۽ مثبت ڪردار کي ساراهيندي انهن هن مُشڪل وقت ۾ وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيو.











