اسلام آباد- 30 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر شام 5 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو، جنهن ۾ اهم قانون سازي، مالي پاليسي گوشوارن جي پيشڪش ۽ صدر جي خطاب تي ٿورن واري رٿ سميت ٻيا اهم پارلياماني معاملا اُڪلايا ويندا. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل ايجنڊا موجب، بجلي وارو وزير سردار اويس احمد خان لغاري "بجلي ايڪٽ 1910" ۽ "بجلي جي پيداوار، ٽرانسميشن ۽ ورڇ …
قومي اسيمبلي جو اجلاس شام 5 وڳي ٿيندو، اهم قانون سازي، مالي پاليسي گوشوارن جي پيشڪش ۽ صدر جي خطاب تي ٿورن واري رٿ سميت ٻيا اهم پارلياماني معاملا اُڪلايا ويندا

مزید خبریں
اسلام آباد- 30 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر شام 5 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو، جنهن ۾ اهم قانون سازي، مالي پاليسي گوشوارن جي پيشڪش ۽ صدر جي خطاب تي ٿورن واري رٿ سميت ٻيا اهم پارلياماني معاملا اُڪلايا ويندا. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل ايجنڊا موجب، بجلي وارو وزير سردار اويس احمد خان لغاري "بجلي ايڪٽ 1910” ۽ "بجلي جي پيداوار، ٽرانسميشن ۽ ورڇ جي ضابطي ايڪٽ 1997ع” ۾ ترميم لاءِ بل پيش ڪندو. اهڙي طرح، وفاقي گهرو وزير سينيٽر محسن نقوي پاڪستان پينل ڪوڊ 1860ع ۾ وڌيڪ ترميم جو بل پيش ڪندو. ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب "مالي ذميواري ۽ قرض جي حد بندي ايڪٽ 2005ع” ۽ "مالي ادارا (ناڻي جي وصولي) آرڊيننس 2001ع” ۾ ترميم جا بل پيش ڪندو، ان کانسواءِ ستين اين ايف سي ايوارڊ تي عملدرآمد جي ڇهن مهينن جي نگراني رپورٽ ۽ جنوري 2026ع لاءِ مالي ۽ قرض پاليسي گوشوارا به ايوان آڏو رکندو. ايجنڊا ۾ شامل ٻين معاملن ۾ سامونڊي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين عبدالقادر پٽيل "سامونڊي جهازن مان خطرناڪ مواد جي ماحول دوست انتظام بل 2025ع تي ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪندو. ان کانسواءِ پارلياماني معاملن جو وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري 2 مارچ 2026ع تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي صدر جي خطاب جا سچا نقل ايوان ۾ پيش ڪندو، جنهن کانپوءِ صدر جي خطاب تي ٿورن مڃڻ واري رٿ به پيش ڪئي ويندي. اجلاس دوران اسلام آباد جي تعليمي ادارن ۾ اضافي فيس جي وصولي ۽ ٽيڪس آمدني ۾ گهٽتائي بابت ڌيان ڇڪائيندڙ نوٽيسن تي پڻ بحث ڪيو ويندو.











