لاهور-29 مارچ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف عوامي رليف کي پهرين ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته گذريل ٽن هفتن ۾ جيتري قدر ممڪن ٿي سگهيو حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جو بار پاڻ کڻي عوام کي رليف ڏنو، موٽرسائيڪل ۽ رڪشا مالڪ رجسٽريشن پنهنجي نالي ڪرائڻ سان مستقبل ۾ حڪومتي رليف مان فائدو کڻي سگهندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد …
جيتري قدر ممڪن ٿي سگهيو حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جو بار پاڻ کڻي عوام کي رليف ڏنو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
لاهور-29 مارچ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف عوامي رليف کي پهرين ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته گذريل ٽن هفتن ۾ جيتري قدر ممڪن ٿي سگهيو حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جو بار پاڻ کڻي عوام کي رليف ڏنو، موٽرسائيڪل ۽ رڪشا مالڪ رجسٽريشن پنهنجي نالي ڪرائڻ سان مستقبل ۾ حڪومتي رليف مان فائدو کڻي سگهندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ خطي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ٻارڻ جي بچت ۽ ڪفايت شعاري لاءِ جاري قدم لاڳو ڪرڻ تي جائزه اجلاس گذريل ڏينهن منعقد ٿيو. وڊيو لنڪ اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن احد خان چيمه، محمد اورنگزيب، علي پرويز ملڪ، عطا الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، احسن اقبال، شزا فاطمه خواجه، اويس خان لغاري، خاص مددگار طارق باجوه، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪومتي فيصلن جي ڪري پيٽروليم شين جو ملڪي ضرورتن لاءِ مناسب مقدار موجود آهي، تازي صورتحال ۾ عوامي رليف کي پهرين ترجيح ڏني، تيل جي قيمتن کي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ وفاقي حڪومت 125 ارب روپين جي وڏي رقم، مختلف بچتن ۽ ترقياتي بجيٽ مان ڪٽوتي ڪري ڏني ته جيئن عوام عالمي سطح تي ڇڪتاڻ جي سڌي ريت اثرن کان محفوظ رهي. اجلاس ۾ عوام کي اپيل ڪئي وئي ته بچت مهم ۾ حڪومت جو ساٿ ڏي ۽ غير ضروري سفر کان پاسو ڪري. آفيسن ۽ ڪم وارين جاين تي ٽيلي ڪانفرنسنگ کي ترجيح ڏني وڃي. وزيراعظم صوبائي حڪومتن تي پڻ زور ڀريو ته موٽرسائيڪلن ۽ رڪشا مالڪن کي رجسٽريشن انهن جي پنهنجي نالن تي ڪرائڻ لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪيو وڃن، ان قدم ذريعي سڄي ملڪ ۾ موٽرسائيڪلن ۽ رڪشائن جي ڊيٽا ڊجيٽلائيز ٿي ويندي ۽ انهن جي مالڪن کي مستقبل ۾ حڪومت پاران ڏني ويندڙ رليف مان فائدو حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي چئني صوبن سميت آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽرين سان ان سلسلي ۾ رابطا تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ڪفايت شعاري ۽ بچت جي قدمن تي عملدرآمد جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو.اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پيٽروليم شين جي گهرج ۽ پهچ ۽ پوري سپلائي چين جي باقاعدگي سان نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ هڪ ڊجيٽل ڊيش بورڊ به تيار ڪيو ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اپريل لاءِ پيٽروليم جي درآمد جو انتظام ٿي چڪو آهي، ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ ٻارڻ جي فراهمي جي حوالي سان نه ته ڊگهيون قطارون آهن ۽ نه ئي بدانتظامي آهي، جيڪو حڪومت جي بهترين انتظام جو ثبوت آهي.اجلاس ۾ ڏنل بريفنگ موجب وقت سر حڪومتي قدمن جي ڪري ملڪ ۾ تيل جي صورتحال کي بهترين طريقي سان مينيج ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ موٽرسائيڪل سوارن ۽ رڪشا هلائيندڙن لاءِ تجويز ڪيل فيول سپورٽ پروگرام لاءِ تيار ٿيل ايپ تي به بريفنگ ڏني وئي.











