وزيراعظم جي هدايت تي حاجي ڪيمپن ۾ حج پانڌيئڙن جا سمورا معاملا هڪ ئي ڏينهن ۾ مڪمل  ٿيندا: مذهبي معاملن واري وزارت

اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايتن تي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگ واري وزارت حج پانڌيئڙن جا خرچ گهٽ ڪرڻ جو وڏو فيصلو ڪيو آهي، هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ 10 حاجي ڪيمپن ۾ حج سکيا ، ويڪسينيشن، ليگيج فراهمي سميت سمورا معاملا هڪ ئي ڏينهن ۾ مڪمل ڪيا ويندا، اها سهولت 8 اپريل کان اسلام آباد، لاهور، پشاور، ڪراچي، ڪوئيٽا، فيصل …

اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايتن تي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگ واري وزارت حج پانڌيئڙن جا خرچ گهٽ ڪرڻ جو وڏو فيصلو ڪيو آهي، هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ 10 حاجي ڪيمپن ۾ حج سکيا ، ويڪسينيشن، ليگيج فراهمي سميت سمورا معاملا هڪ ئي ڏينهن ۾ مڪمل ڪيا ويندا، اها سهولت 8 اپريل کان اسلام آباد، لاهور، پشاور، ڪراچي، ڪوئيٽا، فيصل آباد، ملتان، سيالڪوٽ، سکر ۽ رحيم يار خان جي حاجي ڪيمپن ۾ شروع ٿيندي. ان قدم ذريعي گڏيل طور تي هڪ لک 19 هزار حج پانڌيئڙن کي فائدو ٿيندو. حج معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب حج پانڌئيڙن لاءِ ويڪسينيشن لازمي آهي جنهن جو شيڊول پاڪ حج ايپ تي دستياب هوندو، جڏهن ته ايپ تي تربيتي سيشن جو شيڊول به فراهم ڪيو ويندو. حج پانڌئيڙن کي سهولت لاءِ حاجي ڪيمپن ۾ ڪرنسي نوٽن جي مٽاسٽا لاءِ بئنڪن جا خاص ڪائونٽر پڻ قائم ڪيا ويندا. سمورا حج پانڌئيڙا حج ايپ تي ڏنل شيڊول موجب حاجي ڪيمپن ۾ پنهنجي شرڪت يقيني بڻائين.

مزید خبریں