زلفي بخاري ۽ پي ٽي آءِ باني جي پٽن جون سرگرميون واضح سياسي ايجنڊا جي عڪاسي ڪن ٿيون: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل  چوڌري چيو آهي ته زلفي بخاري ۽ پي ٽي آءِ باني جي پٽن جون سرگرميون واضح سياسي ايجنڊا جي عڪاسي ڪن ٿيون، سياسي مقصدن لاءِ پاڪستان جي قومي مفادن کي پوئتي ڪري ذاتي بيانن کي اڳيان وڌايو پيو وڃي. گذريل ڏينهن ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عارف اجاڪيه جهڙا تڪراري ۽ پاڪستان مخالف …

اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل  چوڌري چيو آهي ته زلفي بخاري ۽ پي ٽي آءِ باني جي پٽن جون سرگرميون واضح سياسي ايجنڊا جي عڪاسي ڪن ٿيون، سياسي مقصدن لاءِ پاڪستان جي قومي مفادن کي پوئتي ڪري ذاتي بيانن کي اڳيان وڌايو پيو وڃي. گذريل ڏينهن ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عارف اجاڪيه جهڙا تڪراري ۽ پاڪستان مخالف بيان رکندڙ ماڻهن سان ملاقاتون ڪنهن عام سياسي عمل جو حصو ناهن ۽ اهي ملاقاتون هڪ سوچيل سمجهيل سازش محسوس ٿين ٿيون. ڪجهه ڌريون عالمي سطح تي پاڪستان خلاف ماحول بڻائڻ ۾ مصروف آهن، هن چيو ته ان قسم جي حرڪتن سان رڳو پنهنجي سياست کي زنده رکڻ چاهين پيا، هن وقت ملڪ کي اتحاد، استحڪام ۽ ذميوار قيادت جي ضرورت آهي. ان صورتحال ۾ اهڙا قدم قومي بياني کي ڪمزور ڪرڻ جي برابر آهن. هن چيو ته اهو هڪ اهڙو طرز عمل آهي جنهن سان قومي وقار کي نقصان پهچائي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ هر حدر پار ڪري سگهجي ٿي. پاڪستان جو عوام ان ڳالهه کان چڱي ريت آگاهه آهي ته ڪير ملڪ سان گڏ آهي ۽ ڪير پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪري رهيو آهي.

مزید خبریں