اسلام آباد - 26 مارچ (اي پي پي) سيمينٽ جي مجموعي وڪري ۽ روانگي واپار ۾ جاري مالي سال دوران اضافو رڪارڊ ٿيو آھي. آل پاڪستان سيمينٽ مينيوفيڪچررز ايسوسي ايشن ۽ ٽاپ لائن سيڪيورٽيز جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جاري مالي سال جي پھرين 9 مھينن ۾ سيمينٽ جي گڏيل گھرج جو ڳاڻيٽو 38.40 ملين ٽن رھڻ جو امڪان آھي، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي جي ڀيٽ …
سيمينٽ جي مجموعي وڪري ۽ روانگي واپار ۾ جاري مالي سال دوران اضافو رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) سيمينٽ جي مجموعي وڪري ۽ روانگي واپار ۾ جاري مالي سال دوران اضافو رڪارڊ ٿيو آھي. آل پاڪستان سيمينٽ مينيوفيڪچررز ايسوسي ايشن ۽ ٽاپ لائن سيڪيورٽيز جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جاري مالي سال جي پھرين 9 مھينن ۾ سيمينٽ جي گڏيل گھرج جو ڳاڻيٽو 38.40 ملين ٽن رھڻ جو امڪان آھي، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي جي ڀيٽ ۾ 10 سيڪڙو وڌيڪ آھي، گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي ۾ سيمينٽ جي مجموعي وڪري جو ڳاڻيٽو 34.99 ملين ٽن رڪارڊ ڪيو ويو ھو، مالي سال جي پھرين 9 مھينن ۾ ملڪ جي اتر وارن شھرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي مجموعي وڪري جو ڳاڻيٽو 26.24 ملين ٽن رھڻ جو امڪان آھي، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي جي 23.53 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 12 سيڪڙو کان وڌيڪ آھي. اھڙي طرح مالي سال جي پھرين ٽن مھينن ۾ ملڪ جي ڏکڻ وارن شھرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي مجموعي وڪري جو ڳاڻيٽو 5.19 ملين ٽن رھڻ جو امڪان آھي جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي جي 4.93 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 5 سيڪڙو وڌيڪ آھي. انگن اکرن مطابق مالي سال جي پھرين 9 مھينن ۾ سيمينٽ جي مجموعي ايڪسپورٽ جو ڳاڻيٽو 6.97 ملين ٽن رھڻ جو امڪان آھي جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي جي 6.53 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 7 سيڪڙو وڌيڪ آھي. انگن اکرن مطابق مارچ ۾ مجموعي طور 3.65 ملين ٽن سيمينٽ جي گھرج جو امڪان آھي جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي جي 3.71 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ ٻه سيڪڙو گھٽ آھي، مارچ ۾ 0.67 ملين ٽن سيمينٽ جي ايڪسپورٽ جو امڪان آھي جيڪو گذريل سال مارچ جي 0.61 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 10 سيڪڙو وڌيڪ آھي.











